رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف والاريل فلسطيني علائقي ۾ فلسطينين جي لاءِ گڏيل قومن جي امدادي اداري جي ڪاررواين ۾ رڪاوٽون وجهڻ جي اسرائيلي قدمن جي پرزور مذمت ڪئ?? آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ ??زي??اعظم چيو ته والاريل فلسطيني علائقي جي اندر فلسطينين جي لاءِ گڏيل قومن جي امدادي اداري يو اين آر ڊبليو اي جي ڪاررواين ۾ رڪاوٽون وجهڻ جي لاءِ اسرائيلي قدمن جي مذمت ڪريون ٿا. ??زي??اعظم چيو ته بي يارو مددگار لکين فلسطيني شهرين کي ضروري امداد جي فراهمي کي روڪي هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيل انساني همدرديءَ جي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪئ?? آهي. جنهن جي لاءِ عالمي برادري کي اسرائيل کي جوابده بڻائڻ گهرجي.