لاهور-25 آڪٽوبر (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان بيلجيئم جي سفير چارلس ايڊ سبالڊوان ڊرگراچٽ ڊي رومرز وائل ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻه طرفي گڏيل سهڪا?? کي هٿي ڏيڻ ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي بيلجيئم جي سفير پنجاب جي وزيراعليٰ سان عوام دوست پاليسين جي تعريف ۽ معاشي ويزن کي ساراهيو. ملاقات دوران ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته نوجوانن کي آءِ ٽي ۾ عالمي معيار جي مهارتن جي ٽريننگ ڏني پئي وڃي. پنجاب ۾ زر??ي شعبي جي طريقي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪ- بيلجيئم ٻه طرفن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، ٻئي ملڪ پنهنجي لاڳاپن کي نين بلندين تائين پهچائيندا، تعليم، آءِ ٽي ۽ زر??عت جي شعبي ۾ بيلجيئم سان سهڪا?? کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. سفير چيو ته بيلجيئم پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن تي ڪنٽرول ۽ـ ماحول جي بهتريءَ لاءِ پنجاب حڪومت جا قدم تعريف لائق آهن جنهن سان صوبي ۾ ڏور رس نتيجا حاصل ٿيندا.