اسلام آباد -30 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي ??ور??ر فيصل ڪريم ڪنڊي پاڪستان ۾ مقرر سعودي سفير نواف سعيد المالڪي سان ملاقات ڪئي. ڪي پي ڪي جي اسيمبلي ۾ ڊيره اسماعيل خان مان چونڊيل ايم پي اي ۽ پيپلز پارٽي پارلياماني لي??ر احمد ڪريم ڪنڊي به ساڻس گڏ هو. ??ور??ر چشمه ليفٽ ڪينال ۾ اسلامڪ ڊولپمينٽ بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته سعودي حڪومت، سعودي سفير ۽ اسلامڪ ڊولپمينٽ بئنڪ جو ٿورو ادا ڪيان ٿو. ??ور??ر چيو ته هي منصوبو صرف ڊيره اسماعيل خان ۽ ڪي پي ڪي لاءِ ئي نه پر پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو منصوبو آهي جنهن س??ن هن خطي ۾ زرعي انقلاب ايندو ۽ معاشي ترقي جا نوان رستا کلندا.