اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) سا??ونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ پاڪستان جي بيلو اڪانومي کي مضبوط بنائڻ لاءِ اسٽريٽجڪ شراڪتداريءَ تي زور ڀريو آهي. گذريل ڏينهن هن نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميري ٽائم افيئرز جو دؤرو ڪيو جنهن ۾ سا??ونڊي معاملن واري وزارت ?? اين آءِ ايم اي وچ ۾ وڌ کان وڌ سهڪار جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو ته جيئن پاڪستان جي سا??ونڊي شعبي ۽ ملڪ جي بليو اڪانومي ۾ ترقيءَ کي اڳتي وڌائي سگهجي. وفاقي وزير ايڪوڪلچر، گرين شپنگ، ميري ٽائم ٽوئر ازم ۽ گرين شپ ري سائڪلنگ جهڙن اهم سا??ونڊي شعبن کي اڳتي وڌائڻ ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير د??ري دوران ميري ٽائم پاليسي جوڙڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ پاڪستان جي سا??ونڊي مفادن کي اڳتي وڌائڻ ۾ اين آءِ ايم اي جي ڪردار بابت تفصيلي بر??فن?? حاصل ڪئي. بر??فن?? ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته پاڪستاني سا??ونڊي معيشت ان وقت ملڪي جي ڊي پي جي 0.2 سيڪڙو کان به گهٽ نمائندگي ڪري رهي آهي جيڪا 8-10 سيڪڙو جي عالمي معيار جي بلڪل ابتڙ آهي. اين آءِ ايم اي جي حڪومتي، قومي ۽ عالمي شراڪتدارن سا?? جاري حصيداريءَ کي به سا??ونڊي شعبي ۾ ترقيءَ کي تيز ڪرڻ لاءِ ضروري قرار ڏنو ويو. بر??فن?? ۾ بليو اڪانومي جي مختلف پهلوئن بابت مختلف امڪانن جي ڳولا جو جائزو ورتو ويو ۽ ملڪ جي سا??ونڊي وسيلن کي ڪتب آڻڻ لاءِ هڪ اثرائتي قومي ايڪشن پلان جي فوري ضرورت جي نشاندهي ڪئي وئي. وفاقي وزير ميري ٽائم ??ي سمورن شعبن ۾ پائيدار ترقيءَ لاءِ مستقبل جو روڊ ميپ قائم ڪرڻ لاءِ سا??ونڊي معاملن واري وزارت ?? اين آءِ ايم اي ۽ ٻين ميري ٽائم اسٽيڪ هولڊرن وچ ۾ اثرائتي ڪوششن جي اهميت تي زور ڀريو.