گلگت – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بل??ست??ن جي لاءِ 100 ميگاواٽ بجلي جي فوري طو?? تي فراهمي ۽ بل??ست??ن يونيورسٽي ۽ قراقرم يونيورسٽي جي باصلاحيت شاگردن جي لاءِ ميرٽ جي بنياد تي هڪ ارب رپين جي انڊومنٽ فنڊ جي قيام جو اعلان ڪندي چيو آهي ته گلگت بل??ست??ن، ??يب??پختونخواهه بشمول اڳوڻي فاٽا جي ضم ضلعن ۽ بلوچستان جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي تي اسان جو پُورو ڌيان آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ گلگت بل??ست??ن جي ڪابينا جو خصوصي اجلاس ٿيو. وزيراعظم غذر ضلعي جي ڳوٺ بوبر ۾ 2022ع جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ خصوصي طو?? تي تعمير ٿيل گهرن جي وقت سر تڪميل ۽ انهن جي گهرن جي اع??يٰ معيا?? تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته بوبر ڳوٺ ۾ نئين تيار ٿيل گهرن کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي. وزيراعظم گلگت بل??ست??ن جي انتظاميا کي غذر ضلعي ۾ تعليمي ادارن، راندين جي ميدانن، بجلي جي فراهمي ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. هن گلگت بل??ست??ن جي لاءِ 100 ميگاواٽ بجلي جي فوري طو?? تي فراهمي ۽ بل??ست??ن يونيورسٽي ۽ قراقرم يونيورسٽي جي باصلاحيت شاگردن جي لاءِ ميرٽ جي بنياد تي هڪ ارب رپين جي انڊومنٽ فنڊ جي قيام جو اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته پنجاب جي طرز تي گلگت بل??ست??ن جي تعليم جي شعبي جي ترقي جي لاءِ دانش اسڪول متعارف ڪرائي رهيا آهيون، وفاقي حڪومت گلگت بل??ست??ن جي عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڏينهن رات سرگرم عمل آهي. هن چيو ته ماضي ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان گلگت بل??ست??ن جي تعليم جي شعبي کي تحفي طور هڪ ارب رپيا ڏنا ه??ا. ??لگت بل??ست??ن جي سمورن شعبن جي ترقي اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته تازي معاشي استحڪام ۾ وفاقي حڪومت سان سمورن صوبن جو تعان انتهائي اهم رهيو آهي. هن چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج 92 هزار جي تاريخي سطح عبور ڪري چڪي آهي، ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي، ٽيڪس فائيلرز جي انگ ۾ اضافي ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ملڪي معيشت جي لاءِ خوش آئنده آهي، ملڪي ترقي جي سفر ۾ سمورن صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بل??ست??ن جو تعاون اهم آهي. وزيراعظم چيو ته گلگت بل??ست??ن، ??يب??پختونخواهه جي اڳوڻي فاٽا جي ضم ضلعن ۽ بلوچستان جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي تي اسان جو پُورو ڌيان آهي، وفاقي حڪومت گلگت بل??ست??ن ۾ سياحت جي شعبي جي فروغ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته گلگت بل??ست??ن جي سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ قطري سيڙپڪار دلچسپي جو اظهار ڪري چڪا آهن. اجلاس ۾ وزيراعظم کي گلگت بل??ست??ن ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بل??ست??ن معاملن واري وفاقي وزير امير مقام، تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، گلگت بل??ست??ن ڪابينا جي ميمبرن ۽ لاڳاپيل ادارن جي اع??يٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.