اسلام آباد-15 نومبر (اي ??ي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ترڪيه جي گهرو وزير علي يرليڪايا ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪ- ترڪيه ناتن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ ترڪيه ۾ 3 پاڪستاني قيدين جي وطن واپسيءَ جي ??والي سان ڳالهه ڪئي وئي. گهرو وزير چيو ته ترڪيه سان تاريخي ڀائراڻا ناتا آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه گهري مذهبي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. هن واضح ڪيو ته پاڪ- ترڪيه ناتا جٽادار ڀائيواري ۾ بدلجي ??هيا آهن. گهرو وزير ترڪيه جي هم منصب کي پاڪستان جي ??ؤري جي ??عوت ڏني. ترڪيه جي گهرو وزير چيو ته پاڪستان ڀائر ملڪ آهي، جلد اسلام آباد جو دؤرو ڪندس. ترڪيه جي گهرو وزير پاڪستاني قيدين جي وطن واپسيءَ لا??ِ سهڪار جي ??اطري ڪرائي. هن چيو ته پاڪستان ان سلسلي ۾ ماهرن جو وفد ترڪيه اُماڻيندو. گهرو وزير 23 آڪٽوبر تي انقره ۾ دهشتگردن جي ??ملي جي ??خت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن جو ڪو مذهب ناهي، دهشتگرديءَ جو خاتمو هن وقت هڪ عالمي چئلينج آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پوري دنيا کي ان ناسور کي مُنهن ڏيڻ لا??ِ جامع قدم ۽ گڏيل حڪمت عملي جي ??رورت آهي. گهرو وزير ساها انٽرنيشنل ايڪسپو تي بهترين انتظامن ۽ مهمان نوازي تي ترڪيه جي گهرو وزير جو شڪريو ادا ڪيو.