اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) مذهبي معا??لن ۽ هم آهنگي بابت وفاقي ??زي?? چوڌري سالڪ حسين سان عراق ۾ پاڪستان جي سفير محمد ذيشان احمد ملاقات ڪئي. وزارت ??ان جاري بيان موجب عراق ويندڙ زائرين کي وڌ کان وڌ سهولتون فر??هم ڪرڻ جي حوالي ??ان مختلف قدمن تي خيالن جي مٽاسٽا ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي ??زي?? چيو ته زائرين مئنجمينٽ پاليسي وفاقي ڪابينه اپريل 2021ع ۾ منظور ڪئي هئي، پاليسيءَ جو بنيادي مقصد پاڪستاني زائرين کي وڌ کان وڌ سهولتون فر??هم ڪرڻ آهي. ٻنهي ملڪن جي مذهبي معا??لن واري وزارت وچ ۾ ايم او يو جو ڊرافٽ پرڏيهي وزارت ڏانهن اُماڻي ڇڏيو آهي. وفاقي ??زي?? زائرين کي سهولت جي فر??هميءَ جي حوالي ??ان جلد کان جلد عراقي حڪومت سان ايم او يوز صحيح ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ايم او يو تحت پاڪستاني زائرين کي عراق ۾ وڌ کان وڌ سهولتون فر??هم ڪري سگهجن ٿيون. وفاقي ??زي?? ڪربلا ۾ پاڪستان هائوس ۽ وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ جي قيام کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته حڪومت زائرين کي وڌ کان وڌ سهولتون فر??هم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. پاڪستاني سفير عراق ۾ پاڪستاني ويلفيئر اتاشين جو انگ وڌائڻ جي تجويز ڏني.