اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي ڪميشن ۽ يورپي ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي پاران پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي اڏامن تان پابندي هٽائڻ جي آجيان ڪندي چيو ??هي ته ان سان پي آءِ اي جي ساک مستحڪم ٿيندي ۽ مالي طور تي پڻ فائدو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي وزير خواجه محمد آصف، هوابازي و??ري وزارت، پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جي عملدارن ۽ پي آءِ اي جي انتظاميا کي مبارڪباد ڏني ??هي. هن چيو ته پابندي هٽائڻ سان پي آءِ اي جي ساک مستحڪم ٿيندي ۽ ان کي مالي طور تي پڻ فائدو ٿيندو، اهو پاڪستان جي ڪامياب پاليسين جو مظهر ??هي. هن چيو ته يورپ ۾ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ هوائي سفر ۾ آساني پيدا ٿيندي.