اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) پا??ستاني قوم پا??ستان جي باني قائداعظم محمد ??لي جناح جو 148هون ج??م ڏڻ ڀرپور حب الوطني جي جذبي، عقيدت ۽ احترام سان ملهايو. ڏينهن جي شروعات سڄي ملڪ جي مسجدن ۾ پا??ستان جي ترقي، خوشحالي ۽ اتحاد لاءِ خاص دعائن سان ٿي. سرڪاري ۽ نجي عمارتن تي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويا، جيڪي پنهنجي محبوب اڳواڻ لاءِ گهري احترام ۽ شڪر جي علامت آهي. ڪراچيءَ ۾ قائداعظم جي مزار تي باباءِ قوم کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ گارڊز جي تبديلي جي پُروقار تقريب منعقد ٿي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ خاص تقريبن ۽ سرگرمين جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن ۾ سيمينارز، ڪانفرنسز، مباحثا، ثقافتي تقريبون ۽ نمائشون وغيره شامل هيون. ان موقعي تي قائداعظم جي جدوجهد ۽ ڪاميابي کي اجاگر ڪيو ويو ۽ پا??ستان لاءِ هڪ ترقي پسند، جامع ۽ جمهوري رياست طور سندس ويزن تي روشني وڌي وئي. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ قائداعظم جي قيادت ۽ اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جي اصولن تي ڌيان ڇِڪرائي مباحثي، آرٽ جي مقابلن ۽ مضمون نويسي جي مقابلن جو اهتمام ڪيو. ٽي وي ۽ ريڊيو چينلز تي سڄو ڏينهن خاص پروگرام ۽ دستاويزي فلمون نشر ڪيون ويون جن ۾ پا??ستان جي تخليق ۾ قائداعظم جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو. اخبارن ۾ پا??ستان جي باني قائداعظم محمد ??لي جناح جي لازوال ميراث ۽ قوم لاءِ بي مثال خدمتن جو ذڪر ڪندي خاص سپليمينٽس به شايع ڪيا ويا. قائد جي ج??م ڏڻ جي موقعي تي پا??ستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس پاران پينٽنگ ۽ ڊرائينگ مقابلو جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن سان نوجوان فنڪارن کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم دستياب ٿيو، جن پنهنجي تخليقي صلاحيتن ذريعي باباءِ قوم کي ڀرپور انداز ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪيو. لوڪ ورثه پا??ستان جي باني، قائداعظم محمدعلي جناح جي 148هين ج??م ڏڻ جي مناسبت سان ڪيترين ئي تقريبن جي ميزباني ڪئي. جن ۾ هٿ سان ڪم ڪندڙ ڪاريگرن جي نمائش به شامل هئي، جنهن ۾ روايتي دستڪارين جي نمائش ڪئي وئي، جڏهن ته ان ڏينهن جي مناسبت سان ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب جو بندوبست ۽ قائداعظم کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو، ملي گيتن جي خاص شوز جو بندوبست ڪيو ويو ۽ حب الوطني جا گيت پيش ڪيا ويا. ان کان علاوه سڄو ڏينهن قائداعظم جي خدمتن تي دستاويزي فلمون پڻ ڏيکاريون ويون جيڪي سندس زندگي ۽ ويزن جي باري ۾ بصيرت فراهم ڪن ٿيون. قائداعظم محمد ??لي جناح جي ج??م ڏڻ تي سفارتي سائيڪلنگ ريلي به ان سرگرميءَ جو حصو هئي جيڪا سفاري ڪلب کان مني گولڊ ڪپ تائين ڪڍي وئي. ان کان اڳ گذريل ڏينهن انفارميشن ??رو?? اڪيڊمي ۾ هڪ نمائش جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ قائداعظم جون ناياب تصويرون ۽ پورٽريٽ رکيا ويا هئا، جنهن جو مقصد نوجوان نسل کي ڌار وطن لاءِ سندس يادگار جدوجهد ۽ قربانين بابت آگاهه ڪرڻ هو. نمائش دوران قائداعظم جي زندگي ۽ ڪارنامن تي ٻَڌل هڪ دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پنهنجي هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪرسمس ۽ قائداعظم محمدعلي جناح جي سالگره جي موقعي تي تقريب جو اهتمام ڪيو. پا??ستانين کي گهرجي ته هو قائداعظم جي لازوال پيغام تي غور ڪن ۽ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ اجتماعي طور ڪم ڪن ته جيئن پا??ستان پنهنجي عظيم قائد جي مقرر ڪيل رستي تي گامزن رهن. خاص طور تي نوجوان نسل جي همٿ افزائي جي ضرورت آهي ته جيئن هو قائداعظم کي پنهنجو رول ماڊل بڻائين ۽ قوم کي روشن مستقبل جي تعمير لاءِ سندس محنت، ديانت ۽ حب الوطني جي نظرين مطابق هلن. هي ڏينهن آزاديءَ واري جدوجهد دوران ڏنل قربانين جي ياد ڏيارڻ تي ڪم ڪري ٿو ۽ پا??ستان کي ترقي، هم آهنگي ۽ امن طرف وٺي وڃڻ لاءِ قائداعظم جي اصولن کي برقرار رکڻ جي ضرورت کي هٿي ڏيڻ آهي. پا??ستان جو باني قائداعظم محمد ??لي جناح هڪ ممتاز بئريسٽر ۽ سياستدان هو، جنهن 1913ع کان 14 آگسٽ 1947ع تائين پا??ستان جي آزادي جي تحريڪ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي قيادت ڪئي. پنهنجي پُختي عزم، ديانتداري ۽ انصاف جي عزم جي علامت قائداعظم پا??ستان جو پهريون گورنر جنرل هو جيڪو 11 سيپٽمبر 1948ع تائين خدمتون انجام ڏيندو رهيو. محمدعلي جناح جي قيادت نه صرف ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن حاصل ڪيو پر مساوات، آزادي ۽ رواداري تي ٻَڌل هڪ قوم جي بنياد به رکي ۽ اڄ به قائداعظم محمدعلي جناح جو متحد ۽ خوشحال پا??ستان جو ويزن ملڪ لاءِ رهنمائي جو ڪم ڪري رهيو آهي.