اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پو??يو ورڪرز جي سيڪيورٽي کي ڪنهن به طور تي نظرانداز نٿ?? ڪري سگهجي، ان سلسلي ۾ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ پو??يو کان متاثر ٻارن جي ڪيسز جو انگ وڌي رهيو آهي جنهن جي لاءِ اڃا وڌيڪ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي پڌرائي موجب وزيراعظم سان پو??يو جي خاتمي واري ٽيم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾و زيراعظم جو قومي صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ، وزيراعظم جي پو??يو جي خاتمي بابت ??وڪ?? پرسن عائشه رضا فاروق، قومي صحت وارو وفاقي سيڪريٽري نديم محبوب، نيشنل ڪوآرڊينيٽر نيشنل ا??مرجنسيز آپريشن سينٽر انوارالحق، صحت جي عالمي اداري جو ڊپٽي نيشنل ٽيم ليڊر ڊاڪٽر صوغائر ۽ سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول ا??نڊ پريوينشن جو سينيئر ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد صفدر شامل هئا. وزيراعظم چيو ته بل ا??نڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس مون کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن پاڪستان ۾ جاري پو??يو جي خاتمي واري مهم ۽ ان مهم جي لاءِ ڪم ڪندڙ سمورن پو??يو جي خاتمي وارن ورڪرز جي ڏينهن رات محنت کي ساراهيو آهي. وزيراعظم چيو ته بل گيٽس فائونڊيشن ۽ سمورن ملڪي ۽ عالمي حصيدارن جا ٿورائتا آهيون جن جي حمايت ۽ تعاون جي ڪ??ي پاڪستان ۾ صحت جي شعبي ۾ اهم قدم کنيا پيا وڃن ۽ پو??يو کي پاڪستان مان ختم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون پيون وڃن. وزيراعظم چيو ته صحت جي سمورن شعبن بشمول پو??يو جي خاتمي ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڌايو پيو وڃي ته جيئن عوامي صحت ۽ سارسنڀال جي نگراني جي عمل کي جديد رخن تي قائم ڪري سگهجي ۽ بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پو??يو جي خاتمي واري مهم دوران لاڳاپيل ماڻهن جي پو??يو کان وڌيڪ متاثر علائقن جي دورن جو منظم روسٽر جوڙيو وڃي ته جيئن انهن مهمن کي اڃا وڌيڪ لاڀائتو بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ پو??يو کان متاثر ٻارن جو انگ وڌي رهيو آهي، جنهن جي لاءِ وڌيڪ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پو??يو ورڪرز جي سيڪيورٽي کي ڪنهن به طور تي نظرانداز نٿ?? ڪري سگهجي ۽ ان سلسلي ۾ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن. وزيراعظم کي پو??يو جي خاتمي جي تازي مهم ۽ ان جي نتيجن تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مقامي ماڻهن جي مدد سان پو??يو جي خاتمي واري تحريڪ کي ڪامياب بڻايو پيو وڃي.