اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر م??مد اسحاق ڊار 11 کان 12 جنوري تائين پاڪستان جي ميزباني ۾ ”مسلم ڪميونٽيز ۾ ڇوڪرين جي تعليم: چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس جي تياري ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم يوٿ ??روگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، پرڏيهي وزارت جي سي??ريٽري، اطلاعات ۽ نشريات واري سي??ريٽري، سي ڊي اي چيئرمين، پرڏيهي وزارت ۽ وفاقي ??عليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو ورتو جنهن ۾ هڪ ٺوس ايجنڊا پيش ڪئي ويندي جنهن ۾ ڇوڪرين جي تعليم ۾ ايندڙ رڪاوٽن، ڇوڪرين جي تعليم جي سماجي ۽ معاشي فائدن ۽ تعليمي برابري کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ جديد طريقي ??ي ڳالهه ٻولهه پڻ شامل آهي.