اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان ج?? وسيلن تي پهريون حق صوبي جي عوام جو آهي، ??رقي جي حوالي سان منهنجو نظريو ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ سان ڳنڍيل آهي، ??لوچستان ۽ پاڪستان جو مستقبل محفوظ ۽ ذميوار هٿن ۾ آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪالهه هن وفاقي وزيرن، آرمي چيف، بلوچستان جي گورنر ۽ وڏي وزير ۽ حڪومتي آفيسرن سان گڏ گوادر ۾ اهم ڏينهن گذاريو، اسان ترقي، ??نيادي ڍانچي ۽ تعليمي منصوبن جي هڪ سلسلي جو سنگ بنياد ??کي?? آهي جنهن سان علائقي جي تقدير بدلجي ويندي. وزيراعظم چيو ته هڪ اڌ ڪوششن جي باوجود بلوچستان اسان جي گڏيل غفلت جو نشانو بڻيو آهي، ??ن صوبي ٻين وفاقي اڪائين جي برابر ترقي نه ڪئي آهي جو شرم جو سبب آهي. وزيراعظم چيو ته ترقي ج?? لاءِ ان جو نظريو ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ سان ڳنڍيل آهي. ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ ڀلائي ئي حقيقي ترقي جي ضامن آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ج?? وسيلن تي پهريون حق صوبي جي عوام جو آهي، ??ڏهن انهن جي ۽ انهن جي ٻارن جي زندگي ۾ بهتر تبديلي ايندي ته اهي ترقي جا مالڪ ۽ حصيدار بڻجي ويندا. وزيراعظم چيو ته گذريل سال اي??دڙ بدترين ٻوڏ دوران هن بلوچستان جي سمورن متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ حالتن جو پاڻ مشاهدو ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو سمجهي ٿو ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان ڳنڍيل آهي. وزيراعظم چيو ته ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب دوران بلوچستان جي نوجوانن سان سندس ملاقات ان دوري جو هڪ اهم حصو هئي. انهن نوجوانن جي چمڪ??دڙ چهرن کيس يقين ڏياريو آهي ته بلوچستان ۽ پاڪستان جو مستقبل محفوظ ۽ ذميوار هٿن ۾ آهي.