اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پارليامينٽ پاڪستان جي اصل چهري کي اجاگر ڪيو آهي، ??لڪ جي مفاد ۾ سمورين سياسي پارٽين قومي مفاد کي اهميت ڏني، ??ارليامينٽ ۽ ميڊيا مبارڪباد جا مسحق آهن، اڄ جمهوري عمل مڪمل ٿيو آهي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪ جي مسئلن جو حل پارليامينٽ آهي، ??انونسازي جو عمل اتفاق راءِ سا?? مڪمل ٿيو آهي، سمورين سياسي پارٽين يڪجهتي جو مظاهرو ڪري قانون کي منظور ڪيو، دفاع ڪميٽي جي اجلاس ۾ سمورن ميمبرن کي وقت تي اطلاع ڏنو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر شبلي فراز ۽ سينيٽر فيصل جاويد سا?? گڏ صحافين سا?? ڳالهائيندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.