اسلام آب???? – 13 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي (اين سي سي) جو اهم اجلاس اسلام آب??د ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي درخواست تي ڪورونا وائرس جي عدم پکيڙ ۽ عوام جي جان ۽ مال، روزگار جي تحفظ کي يقيني بنائڻ جي لاءِ مستقبل جا فيصلا هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ??يا ويا آهن، وزيراعظم عمران خان سنڌ جي وڏي وزير کي هدايتون ڏنيون ته هو اڄ اڱاري ڏينهن اين سي سي جي اجلاس ۾ هڪ جامع روڊ ميپ کڻي اچي جنهن ۾ پوئتي پيل علائقن، ڪچين آب??دين ۽ پورهيتن جي حقن جي تحفظ جي جهلڪ ??ظر اچي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي (اين سي سي) جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته وزيراعظم جي صدارت ۾ اين سي سي اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته مستقبل جي فيصلن کي هڪ ڏينهن جي لاءِ ملتوي ??يو وڃي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان درخواست ڪئي وئي ته اڏاوتن واري شعبي ۽ ضروري شين کي کولڻ جي قدمن جي اعلان کان اڳ ڪجهه وقت ڏنو وڃي ته جئين هم آهنگي سان فيصلن تي ??ملدرآمد يقيني بڻايون.