اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪڻڪ ۽ کنڊ عوام جي بنيادي ضرورت آهي تنهن ڪ??ي انهن جي دستيابي ۽ مناسب قيمت کي يقيني بڻايو وڃي. هو ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي دستيابي ۽ قيمتن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم کي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي جي صورتحال، نجي ۽ سرڪاري سطح تي ڪئي ويندڙ درآمد ۾ هيستائين جي ??ڳڀ??ائي تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي.