نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان نجڪاري واري وفاقي وزير فواد حسن فواد جي ملاقات

image

اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان نجڪاري واري وفاقي وزير فواد حسن فواد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فواد حسن فواد کي وزارت جون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته نجڪاري وارو نگران وفاقي وزير حڪومت جي معآشي بحالي ۽ ادارن ۾ سڌارن جي ويزن جي تڪميل ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں