آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي آمريڪا ۾ يو ايس سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر جنرل مائيڪل ايرڪ سان ملاقات، گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي ڳالهيون

image

تامپابي، فلوريڊا-19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير پنهنجي آمريڪي دؤري دوران ڪمانڊر يو ايس سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر جنرل مائيڪل ايرڪ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر مطابق ملاقات ۾ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال بابت گڏيل سهڪار تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سينٽ ڪام جوائنٽ آپريشن سينٽر جو به دؤرو ڪيو جتي سينٽ ڪام ۽ـ پاڪ فوج وچ ۾ دفاعي تربيت ۽ رابطا وڌائڻ جو جائزو ورتو ويو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں