وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران جبل چاڙهو مراد سدپاره جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

image

اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جبل چاڙهو مراد سدپاره جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪوهه پيمائي جي شعبي جي لاءِ مرحوم جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڪوهه پيمائي جي شعبي جي لاءِ مرحوم مراد سدپاره جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں