اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته بوسنيا ۽ هرزيگوينا سان مختلف شعبن جي وفدن جي مٽاسٽا ڪئي وڃي، اهڙي طرح ت??اون جون نيون راهون کلنديون. صدر اها ڳالهه بوسنيا ۽ هرزيگوينا جي نامز پاڪستاني سفي?? ليفٽيننٽ جنرل (ر) سليم نواز کي چئي جنهن ايوان صدر ?? ساڻس ملاقات ڪئي.