اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گذريل ٽن سالن ۾ حڪومتي قدمن جي ڪري پاڪستان جي اندروني ۽ ٻاهرئين مهاذ تي اهم ڪاميابين کي اجاگر ڪندي چيو آه?? ته پاڪستان نئين ۽ مثبت رخ طرف گامزن آه??، ڪورونا جي موذي وبا جي باوجود حڪومت جي موثر پاليسين ۽ حڪمت عملي جي ڪري پاڪستان جي معيشت مستحڪم رهي، مٽاسٽا جي ناڻي، روانگي واپار، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نمايان بهتري سميت مثبت اقتصادي انگ اکر حڪومتي معاشي ڪارڪردگي جو واضح ثبوت آه??، ??حس??س پروگرام ذريعي ڪمزور طبقن جي لاءِ قدمن، تعميراتي شعبي جي لاءِ مراعتن، گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ گهر ۽ ڇت جي فراهمي، ڪامياب جوان پروگرام ۽ هڪ جهڙي قومي نصاب کي لاڳو ڪرڻ ساراهه جوڳا قدم آه??، ڀارت جي انتهاپسند هندوتوا فاشسٽ نظريي سان خطي جي امن کي خطرو آه??، ڀارت ڪشمير ۾ ظلم جو بازار بند ڪري ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيڻ جو واعدو نڀائي، افغانستان ۾ امن سمورن پاڙيسري ملڪن جي لاءِ اهم آه??، دنيا کي اها ڳالهه لکين انساني جانيون ۽ اربين ڊالر ??رچ ڪري سمجهه ۾ آئي جيڪا وزيراعظم عمران خان 20 سالن کان چئي رهيو هو، ائٽمي قوت، دهشتگردي جي خلاف جنگ، پناهگيرن سان همدردي ۽ تنظيم جو جذبو پاڪستانين جي ذهانت جو واضح ثبوت آه??، پاڪستان ۾ جمهوريت جي فروغ ۽ چونڊن ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال سميت چونڊ سڌارا وقت جي اهم ضرورت آه??، جعلي خبرن ۽ غيبت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي تربيت تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آه??. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽئين پارلياماني سال جي مڪمل ٿيڻ ۽ چوٿين سال جي شروع ٿيڻ تي سمورن معزز پارليامينٽ ميمبرن کي مبارڪباد ڏيندي دعا ڪئي ته پاڪستان ۾ جمهوري قدرن ۽ هڪ ٻئي جي برداشت جي روايتن کي فروغ مليو. هن چيو ته پاڪستان هڪ نئين ۽ مثبت رخ طرف گامزن آه??. گذريل ٽن سالن ۾ اسان جي ملڪ ۽ قوم ۾ ڪيتريون ئي مثبت تبديليون آيون آه??. گذريل ڏهاڪن ۾ تربيت جي جن مرحلن مان اسان گذرياسين ۽ ان جي نتيجي ۾ جيڪي طاقتون ۽ صلاحيتون پنهنجي اندر پيدا ڪيون انهن جي ڪري اسان انشاءَالله هڪ چمڪندڙ ۽ اڀرندڙ پاڪستان جي منزل کي ماڻي وٺنداسين. صدر معيشت تي ڳالهائيندي چيو ته جڏهن ڪورونا جي منفي اثرن جي سبب دنيا جون سموريون معيشتون سڪڙجن لڳيون ته ان وقت الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم ۽ حڪومت جي بهتر پاليسين جي ڪري پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام بهتر رهي ۽ پاڪستاني معيشت جي واڌويجهه جي شرح 3.94 سيڪڙو رهي. صدر ??وج??ده حڪومت جي دور جي ڪجهه اهم ڪاميابين جو ذڪر ڪندي چيو ته مالي سال 21 – 2020ع دوران پاڪستان جو روانگي واپار گذريل سال 23.7 ارب جي مقابلي ۾ 25.3 ارب ڊالر ??ائين پهچي ويو. مٽاسٽا جو ناڻو 29.4 ارب ڊالر ??ي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ اٽڪل 6 ارب ڊالر وڌيڪ آه?? ۽ هن سال جي شروع جي 2 مهينن ۾ وڌيڪ 10 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آه??، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ماضي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ ايشيا جي بهترين ۽ دنيا جي چوٿين بهترين ڪارڪردگي جو اعزاز حاصل ڪيو ۽ مئي 2021ع ۾ هڪ سيشن ۾ رڪارڊ ٽوڙ 2.21 ارب شيئرز جي خريد ۽ وڪرو ٿيو. هن چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري ٻه سال اڳ عالمي بئنڪ جي ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي انڊيڪس ۾ پاڪستان جي پوزيشن ۾ 28 درجا بهتري آئي هئي ۽ هاڻي اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽير جي تازي سروي موجب سمنڊ پار سيڙپڪارن جي پاڪستاني معيشت ۽ حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد ۾ اٽڪل 60 سيڪڙو اضافو ٿيو. ايف بي آر سال 2021ع ۾ ٽيڪس اوڳاڙين جي مد ۾ 4732 ارب رپيا گڏ ڪيا جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ اٽڪل 18 سيڪڙو وڌيڪ آه??. اهڙي طرح ??وج??ده مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ هدف کان 160 ارب رپيا وڌيڪ جون اوڳاڙيون ٿيون آه??. عوام جو ايتري وڏي انگ ۾ ٽيڪس جمع ڪرائڻ ۽ مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ حڪومتي پاليسين تي مڪمل اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. هن ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان حڪومت کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ايف اي ٽي ايف جي ميدان ۾ وڏي محنت سان ڪم ڪري سمورن اعتراضن جي حل جي لاءِ قانون ۽ طريقيڪار ٺاهي ورتو آه?? ۽ اهي قانون لاڳو به ڪيا ويا آه??. صدر چيو ته عوام ۽ خاص طور تي ڪمزور طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي حڪومت هڪ وڏو تعميراتي پئڪيج ڏنو، گهر ۽ ڇت جي فراهمي جي لاءِ نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام شروع ڪيو ويو. ان جي لاءِ حڪومت تعميراتي شعبي کي 36 ارب رپين جي سبسڊي ڏيڻ کانسواءِ مختلف ٽيڪسن جي مد ۾ ڇوٽ پڻ ڏني. بئنڪن جي مدد سان عوام کي پنهنجي گهر جي تعمير جي لاءِ آسان شرطن تي قرض جي فراهمي جي لاءِ پڻ قدم کنيا آه??، ان جي نتيجي ۾ پاڪستان جي بئنڪنگ سيڪٽر جو هائوسنگ ۽ تعميرات جي فنانس جو پورٽ فوليو 260 ارب رپين جي حد پار ڪري چ??و آه??. حڪومت جي اعلان ڪيل تعميراتي پئڪيج ۾ هيستائين 447 ارب ماليت جي 1252 منصوبن جي رجسٽريشن ٿي آه??. حڪومت جي انهن قدمن جي ڪري نه رڳو معاشي سرگرمين ۾ تيزي آئي آه?? پر 70 جي لڳ ڀڳ ڊائون اسٽريم انڊسٽريز جهڙوڪ اسٽيل، سيمنٽ، پينٽ ۽ اليڪٽرانڪس انڊسٽري ۾ ماڻهن کي روزگار جا موقعا پُڻ مليا آه??. تعميراتي شعبي ۾ تاريخي ترقي جو سهرو وزيراعظم ڏانهن وڃي ٿو ته جنهن عوام جي ??حس??س تي ٻڌل پاليسي اختيار ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ الله تعاليٰ اسان کي معاشي ڪاميابين سان به نوازيو. زراعت جي شعبي ۾ 2.77 سيڪڙو جي ترقي ٿي ۽ ان ۾ وڌيڪ محنت جي ضرورت آه??. حڪومت جي آءِ ٽي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ڪري آءِ ٽي روانگي واپار 2.12 ارب ڊالر ??ائين پهچي چ??و آه??. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ان روانگي واپار ۾ 47 سيڪڙو اضافو ٿيو آه??. صدر چيو ته پاڪستان ۾ نوجوانن کي تربيت ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پڻ عملي قدم کنيا پيا وڃن، انهن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت تحت نوجوانن جي آن لائن تربيت جو پروگرام ”ڊيجي اسڪلز“ ذڪر جوڳو آه??. اها ڳالهه ساراهه جوڳي آه?? ته هيستائين 17 لک نوجوانن کي ان پليٽ فارم ذريعي تربيت ڏني وئي آه?? جنهن ۾ اڪثريت 18 کان 29 سال جي عمر جي نوجوانن جي آه??. پاڪستان جا فري لانسرز هيستائين 20 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ پرڏيهي ناڻو ڪمائي چ??ا آه??. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت کي ان ڳالهه جو ادراڪ آه?? ته دنيا هن وقت چوٿين صنعتي انقلاب مان گذري رهي آه?? ۽ اهو انقلاب رڳو مادي ترقي جو انقلاب نه آه?? پر هڪ فڪري ۽ ذهني انقلاب آه??. ماضي ۾ قومن ڪارخانن ۽ انڊسٽري جي مدد سان ترقي ڪئي. ان جي مقابلي ۾ جديد ٽيڪنالاجيز جهڙوڪ مصنوعي ذهانت، سافٽ ويئر ڊيولپمينٽ، نيٽ ورڪنگ، ڊيٽا ايناليسز، ڪلائونڊ ڪمپيوٽنگ، انٽرنيٽ آف ٿينگز ۽ ٻين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي مدد سان تيز رفتار ترقي ممڪن آه??. هن سائبر سيڪيورٽي جي حوالي سان چيو ته آئون اهو به سمجهان ٿو ته ذهانت جي لحاظ کان پاڪستاني قوم ۽ پاڪستاني نوجوان دنيا جي ڪنهن قوم کان گهٽ نه آه??. مون کي پنهنجي سائنسدانن ۽ آءِ ٽي ماهرن تي مڪمل اعتماد آه?? ته اهي پنهنجي ذهني صلاحيت کي استعمال ۾ آڻي ??وج??ده دور جي سائبر ڊيفنس ۽ سيڪيورٽي چئلينجز تي بهتر طريقي سان ضابطو آڻي وٺندا. هن چيو ته هڪومت جو انساني وسيلن جي ترقي کي اولين ترجيح ڏيڻ ۽ انساني همدردي تي ٻڌل پاليسين کي اختيار ڪرڻ ٻي وڏي تبديلي ۽ ڪاميابي آه??. بدقسمتي سان ماضي ۾ انساني ترقي جي شعبن کي نظرانداز ڪيو ويندو رهيو. صدر چيو ته ڪرپشن جي ناسور ۽ ماضي جي غلط ترجيحن جي ڪري اسان نه رڳو ترقي کان محروم رهياسين پر انساني ۽ سماجي ترقي جي سمورن اشارن ۾ پڻ دنيا کان تمام گهڻو پٺتي رهجي وياسين. ٽيلنٽ جي قدر نه هجڻ ۽ ميرٽ کي فوقيت نه ڏيڻ جي ڪري پاڪستان کي گورننس جو نقصان ٿيو ۽ برين ڊرين کي به منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته قومي سلامتي جو تصور هاڻي رڳو سرحدن ۽ فوجي معاملن تائين محدود نه آه?? پر ماحول، خوراڪ، تعليم، ڇت ۽ صحت جا شعبا انساني سلامتي جي ٺوس تصور تحت مرڪزي حيثيت رکن ٿا. اسان کي ان ڳالهه جو مڪمل ادراڪ آه?? ته هڪ نئين ۽ عظيم الشان پاڪستان قائم ڪرڻ هڪ تعليم يافته، صحتمند ۽ ذميوار قوم ذريعي ئي ممڪن آه??. هنرمند ۽ ذهين ماڻهو قومن جي ترقي جي لاءِ سڀ کان وڏو ٿنڀ آه??. صدر چيو ته حڪومت انساني همدردي جي بنياد تي معاشري جي ڪمزور ۽ لاچار ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ??حس??س پروگرام جيئن غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ جي مثالي منصوبن جو قيام عمل ۾ آندو، ذهني ۽ جسماني ڪمزوري جي خاتمي لاءِ ??حس??س انشا نشونما پوءِ، وسيله تعليم، ??حس??س ڪفالت، ??حس??س اسڪالرشپ، ??حس??س ايمرجنسي ڪيش، ??حس??س آمدني، ??حس??س لنگرخانا ۽ ??حس??س ڪير بکيو نه سمهي ۽ پناهگاهن جهڙن نئين پروگرامن جي مدد سان مستحق ۽ غريب ماڻهن جي معاشي ۽ سماجي تحفظ تي ڪم ڪري رهي آه??. معاشري جي ڪمزور ترين طبقن جي درد کي محسوس ڪندي حڪومت هن سال اٽڪل 208 ارب رپيا رکيا آه??. هڪ ڪروڙ 20 لک خانداننکي ڪيش امداد ڏني ويندي جنهنس ان ملڪ جي 30 سيڪڙو آبادي فائدو کڻي سگهندي. انهن سمورن منصوبن ۾ نه رڳو عورتن پر خصوصي ماڻهن جي ضرورتن کي پڻ نظر ۾ رکيو ويو ۽ انهن جي لاءِ احسن قدم کنيا ويا. ??حس??س ڪفالت پروگرام تحت هن مالي سال ۾ 70 لک عورتن کي ماهوار 2000 رپيا ڏنا ويندا ۽ 20 لک خصوصي ماڻهن کي ماهوار 2 هزار رپيا ڏيڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي آه??. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ پاران عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي مالي شموليت يقيني بڻائڻ جي لاءِ خصوصي قرض جي اسڪيم متعارف ڪرائي وئي. هن چيو ته ملڪ ۾ قرض جون اسڪيمون ته ??وج??د آه?? پر مناسب آگاهي نه هجڻ سبب قرض وٺندڙن جو انگ تمام گهٽ آه??. هن ڪامياب جوان پروگرام کي هڪ ٻيو بهترين ڪم قرار ڏيندي چيو ته ان جي لاءِ هن سال اٽڪل 100 ارب رپين جي رقم رکي وئي آه?? ان جي لاءِ ملڪ جي نوجوانن کي آسان شرطن تي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ قرض ڏنا ويندا. هيستاسئين 15 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم سان اٽڪل 14 هزار ڪاروبار شروع ڪيا ويا آه??. اي پي پي جي رپورٽ موجب هن چيو ته حڪومت نوجوانن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ انهن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ هنرمند پاڪستان پروگرام جي لاءِ 10 ارب رپين جي رقم رکي آه?? ۽ هاڻي سڄي ملڪ جي 720 ادارن ۾ هڪ لک 70 هزار نوجوانن کي هنرمند بڻائي نوڪرين جي قابل بڻايو پيو وڃي. صدر چيو ته حڪومت عوام جي مفت علاج جي لاءِ پڻ سرگرم آه??. صحت سهولت پروگرام ۽ صحت ڪارڊ تحت پاڪستان يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي منزل جي ويجهو پهچي چ??و آه??. هيستائين خيبرپختونخواهه، پنجاب، بلوچستان، اسلام آباد، آزاد ڪشمير، اڳوڻي فاٽا ۽ گلگت بلتستان مان هڪ ڪروڙ 80 لک خاندان ان پروگرام مان فائدو کڻي رهيا آه??. هن چيو ته تمام جلد پوري آبادي کي صحت سهولت پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو. حڪومت ملڪ ۾ ٽيلي ميڊيسن جي فروغ لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آه?? ۽ صوبن کي به درخواست آه?? ته اهي ٽيلي ميڊيسن جي تصور کي اختيار ڪرڻ تي ڌيان ڏين. ان سان سستي علاج جي فراهمي ۽ اسپتالن تي بار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ وڌندڙ آبادي جي ڪري وسيلن تي بار وڌي رهيو آه?? ۽ اسان کي تعليم، صحت، خوراڪ، ٽرانسپورٽ، پاڻي جي نيڪالي ۽ توانائي جهڙين زندگي جون ضرورتون عوام تائين پهچائڻ ۾ مشڪلات درپيش آه??. ٻارن جي پيدائش ۾ وقفو آڻڻ، خاندان ننڍو ڪرڻ ۽ قرآني تعليم موجب ماءُ جو ٻار کي پنهنجو کير پيارڻ جي روايت عام ڪرڻ جي ضرورت آه?? ته جيئن ٻارن جي بهتر پرورش ٿي سگهي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت تي مثبت اثر پوي ۽ ٻار غذائي کوٽ ۽ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري جو شڪار نه ٿئي. ان سلسلي ۾ ميڊيا، عالم سڳورن ۽ معاشري جي ٻين طبقن کي ڪردار وڌائڻ ۽ حڪومت کان فنڊنگ ۾ اضافي جي درخواست آه??. هن چيو ته تعليم جو شعبو وڏي اهميت رکندڙ آه?? ۽ حڪومت پاڪستان ۾ هڪ جهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا آه??. ان بهترين ڪم جو مقصد سڄي ملڪ جي ٻارن کي برابر تعليمي معيار کي يقيني بڻائڻ آه?? ۽ هڪ متحد قوم جي جوڙجڪ ڪرڻي آه??. ??حس??س اسڪالرشپ پروگرام تحت اٽڪل 50 هزار شاگردن جي لاءِ اسڪالرشپ شروع ڪئي وئي ۽ گذريل ٻن سالن ۾ هڪ لک 42 هزار شاگردن کي ??حس??س اسڪالرشپ ڏني وئي. تازو ئي هايئر ايجوڪيشن ڪميشن پاران خصوصي ماڻهن جي لاءِ پنهنجي پاليسي ۾ خصوصي شاگردن کي سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ ٽيوشن فيس ۽ هاسٽل فيس جي مد ۾ مڪمل ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آه??. ايتري وڏي پئماني تي ماڻهن کي تعليم جي فراهمي ۽ انهن کي هنرمند بڻائڻ جو مقصد پاڪستان کي سماجي ۽ معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ آه??. هڪ اڻپڙهيل انسان ته رڳو جسماني مزدوري ئي ڪري سگهي ٿو پر تعليم يافته نوجوان مختلف ۽ جديد شعبن ۾ ڪم ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جي آمدني ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن ۽ عورتن جي حقن جي تحفظ تي پڻ خاص ڌيان ڏنو ويو آه?? ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ قانون ٺاهيا ويا آه??. ان ۾ ڊس ايبلٽي ايڪٽ 2020ع، زينب الرٽ بل 2020ع ۽ اينٽي ريپ آرڊيننس 2020ع جهڙا قانون شامل آه??. تازن ڏينهن ۾ عورتن جي خلاف جنسي تشدد جا واقعا سامهون آيا، بحيثيت رياست اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ قدمک ڻڻ اسان جو قومي فرض آه??. حڪومت جنسي زيادتي جي ڪيسز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قانونسازي سان گڏوگڏ انتظامي سطح تي پڻ عورتن جي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪيو آه??. صدر چيو ته انهنق دمن کانسواءِ معاشري جي سمورن طبقن تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي عورتن جو احترام ڪن ۽ پبلڪ جاين تي عورتن جو تحفظ يقيني بڻائين ته جيئن اهي قومي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. افسوس سان اهو چوڻو پوي ٿو ته پاڪستان جي ڪجهه حصن ۾ اڃا تائين عورتن کي انهن جي وراثتي حق کان محروم رکيو وڃي ٿو. ان جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ حڪومت عورتن جي ملڪيتي حقن کي لاڳو ڪرڻ جو ايڪٽ 2020ع پاس ڪيو. عورتن کي انهن جا وراثتي حق ڏيڻ جي لاءِ معاشرتي روين کي تبديل ڪرڻ ضروري آه??. ان سلسلي ۾ عالم سڳورن ۽ ميڊيا کي درخواست آه?? ته اهي قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ ماڻهن ۾ عورتن جي وراثتي حقن بابت آگاهي پيدا ڪن. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان کي عالمي حدت جي ڪري ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن ۽ پاڻي جي کوٽ جهڙا خطرا آه??. انهن خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عمران خان وقت ۽ دورانديش فيصلا ڪيا. ان جي شروعات خيبرپختونخواهه ۾ بلين ٽري سونامي سان ڪئي وئي هئي. اهو منصوبو ووٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ شروع نه ڪيو ويو پر ان جو تعلق پاڪستان جي مستقبل ۽ ايندڙ نسلن سان هو. هاڻي حڪومت 10 ارب سونامي ٽري ۽ ڪلين اينڊ گرين پاڪستان جهڙي پروگرام تي ڪم ڪري رهي آه?? جنهن جي افاديت کي عالمي سطح تي تمام گهڻو ساراهيو ويو. هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي فروغ ۽ چونڊن ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ جي لاءِ چونڊ سڌارا وقت جي اهم ضرورت آه??. ان سلسلي ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين هڪ اهم اوزاير آه?? جنهن سان نه رڳو چونڊن ۾ شفافيت ايندي ۽ نتيجن جي وقت سر پهچ ممڪن ٿي سگهندي پر ووٽر جي رازداري جو پڻ خيال رکي سگهبو. ان سسٽم کي هيڪ نه ٿو ڪري سگهجي ڇو ته اهو نظام انٽرنيٽ سان واڳيل نه آه??. ان ۾ بيلٽ پيپر به آه??. ان عمل کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي ۽ کليل دل سان ان کي پرکيو وڃي ۽ ٺيڪ ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ انهن کي سياسي عمل ۾ شريڪ ڪرڻ جي لاءِ آئي ووٽنگ متعارف ڪرائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آه??. آئون اميد ڪريان ٿو ته سموريون سياسي پارٽيون ان سلسلي ۾ مڪمل تعاون ڪنديون ته جيئن سمنڊ پار پاڪستاني جيڪي اسان جو اثاثو آه?? ۽ پاڪستان کي وڏو پرڏيهي نانو موڪلين ٿا، پنهنجي سياسي حقن کان محروم نه رهن. هن پرڏيهي معاملن تي ڳالهائيندي چيو ته ڀارت ڪيترن ئي ڏهاڪن کان معصوم ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آه?? ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ اقليتن خاص طور تي مسلمانن تي ظلم ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرائي رهيو آه??. وزيراعظم پان کي ڪشمير جو سفير چيو ۽ وڏي موثر انداز ۾ ڀارت جو اصل چهرو دنيا جي هر فورم تي بي نقاب ڪيو. پاڪستان جي سدائين کان ڪوشش رهي آه?? ته هو سمورن پاڙيسري ملڪن سان سٺا رابطا قائم رکي ۽ وزيراعظم عمران خان چونڊجندي ئي ڀارت جي وزيراعظم کي دعوت ڏني ته جيڪڏهن توهان امن طرف هڪ قدم وڌائيندا ته پاڪستان ٻه قدم اڳتي ايندو پر بدقسمتي سان ڀارت پاڪستان جي هر مٿبت قدم جو منفي جواب ڏنو. صدر چيو ته فيبروري 2019ع ۾ ڀارت پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي ڪئي ۽ پاڪستان منهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ ڀارت جو جهاز ڪيرايو. پاڪستان ڀارتي پائليٽ کي هن پارليامينٽ جي مشاورت سان خيرسگالي جي جذبي تحت واپس ڪري ڇڏيو. هن ڀارت تي واضح ڪيو ته هو ڪشمير ۾ ظلم جو بازار بند ڪري ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير جي عوام کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏي. هن ڪشميري عوام کي پيغام ڏنو ته پاڪستان پنهنجي اصولي موقف تي قائم آه?? ۽ گڏيل قومن جي قراردادن تحت ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حمايت جاري رکندو. هن ڪشمير تي پاڪستاني موقف جي حمايت ڪرڻ تي چين، ترڪيءَ، ايران ۽ آذربائيجان سميت ٻين دوست ملڪن جا پڻ ٿورا مڃيا. صدر ڀارت ۾ وڌندڙ انتهاپسندي ۽ آر ايس ايس جي شدت پسنداڻي ۽ نسلي امتياز تي ٻڌل هندتوا جي فاشسٽ نظريي کي علائقائي سلامتي جي لاءِ تمام وڏو خطرو قرار ڏيندي چيو ته هو ان جي مذمت ڪري ٿو. اي پي پي جي رپورٽ موجب هن چيو ته دنيا کي سڃاڻڻ گهرجي ته ڀارت ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث ۽ تخريبڪارن جو سهولتڪار آه??. ڀارت ۾ ائٽمي مواد جي چوري ۽ مارڪيٽ ۾ خريد ۽ وڪري جا واقعا سامهون آيا آه??. اهو ڀارتي غيرذميواري جو ثبوت آه?? جنهن جي ڪري عالمي امن ۽ سلامتي کي سخت خطرا آه??. هن چيو ته مون کي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اهڙن سنگين واقعن کي عالمي برادري ۽ ميڊيا پاران سنجيدگي سان نه ورتو ويو. صدر چيو ته اسلامي دنيا کي ٻين چئلينجز سان گڏوگڏ اسلامو فوبيا ۽ اسلام دشمني درپيش آه??. ان سلسلي ۾ وزيراعظم عمران خان جو هڪ اهم ڪردار آه?? ۽ هن عالمي برادري خاص طور تي اولهه ملڪن کي اهو باور ڪرايو آه?? ته هو اسلام دشمني، تعصب ۽ تنگ نظري تي ٻڌل پاليسين کي ختم ڪري عالمي سطح تي امن ۽ ڀائيچاري جو ماحول قائم ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان جي ڀائر ملڪ افغانستان ۾ گذريل ڏينهن ۾ هڪ وڏي تبديلي آئي آه??. وزيراعظم عمران خان جو اٽڪل 20 سال کان اهو موقف رهيو آه?? ته جنگ بدران ڳالهين جي راهه اختيار ڪري مسئلن جو حل ڳوليو وڃي. ڊگهي جنگ ۽ کربين ڊالر ??رچ ڪرڻ جي باوجود افغانستان ۾ امن قائم نه ٿي سگهيو. پاڪستان سدائين کان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جو خواهشمند آه?? ۽ اسان ان جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آه??. هن چيو ته پاڪستان اهو چاهي ٿو ته افغانستان جي نئين حڪومت افغانستانج ي عوام کي متحد ڪري ۽ فتح مڪه جي موقعي تي حضور ﷺ جي تعليم موجب عام معافي جي پاليسي اختيار ڪري ۽ خاص طور تي افغانستانجي سرزمين تان ڪنهن پاڙيسري ملڪ کي ڪو خطرو نه هجي. ان سلسلي ۾ طالبان اڳواڻن جا بيان حوصلي جوڳا آه??. هاڻي دنيا کي گهرجي ته اها هن وقت افعان عوام کي بي يارو مددگار نه ڇڏي ۽ انهن جي مدد ڪري ته جيئن انساني بحران پيدا نه ٿئي. هن چيو ته افغانستان جي تعمير ۽ بحالي ۾ عالمي برادري پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. پاڪستان هن وقت به افغانستان ۾ طبي ۽ انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪري رهيو آه?? ۽ پاڪستان جي قومي ايئر لائين افعانستان مان عالمي برادري جي ماڻهن جي انخلا ۾ سڀ کان اڳتي رهي آه?? ۽ ان تي پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو ويو. هن چيو ته دنيا کي اهو به تسليم ڪرڻو پوندو ته افغانستان بابت وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان جو مشورو صحيح ثابت ٿيو، ان لاءِ دنيا کي پاڪستان تي بنا جواز تنقيد بدران عمران خان جي سياسي ڏاهپ کي ساراهڻ گهرجي ۽ دنيا جي آٻين معاملن تي ان جي پوئيواري ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي معاشي ترقي جي لاءِ جيو اڪنامڪس ۽ علائقائي رابطن جي فروغ تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آه??. ان سلسلي ۾ پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم ۽ اقتصادي تعاون تنظيم سان گڏوگڏ ٻين فورمن تي پڻ علائقائي رابطن جي فروغ جي ڪوشش ڪئي آه??. پاڪستان ان ڳالهه جو خواهشمند آه?? ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان خطي جي معيشتن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو وڃي ۽ علائقائي ۽ عالمي واپار کي فروغ ملي. هن چيو ته افغانستان ۾ امن سڀني پاڙيسري ملڪن جي لاءِ تمام خوش آئنده آه??. صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي پراڻي دوست چين سان ٻطرفن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آه??. چين پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي تري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آه?? پر ڪجهه ملڪ دشمن عنصر خاص طور تي ڀارت شروع کان ئي پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي کي سبوتاز ڪرڻ چاهي ٿو. هن ڀارت کي مخاطب ڪندي چيو ته هو انهن ارادن ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندو ۽ پاڪ چين دوستي مضبوط کان مضبوط تر ٿي ويندي. هن چيو ته هو پاڪستاني حڪومت ۽ قوم پاران ترڪيءَ، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، ايران ۽ ٻين دوست ملڪن جا پڻ ٿورا مڃي ٿو جن مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو. صدر چيو ته هو ماضي، حال ۽ مستقبل کي ڳنڍڻ چاهين ٿا. هن 5 عملن جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جو مستقبل انتهائي روشن ڏسي رهيو آه??ان، پاڪستان ڀارت جي نام نهاد پرامن ائٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ هڪ انتهائي مختصر عرصي ۾ دفاعي ائٽمي صلاحيت حاصل ڪئي، اها صلاحيت ذهني ۽ فڪري صلاحيت جي ڪري حاصل ٿي ۽ ان ۾ سرمائي کان وڌيڪ ذهانت جي ضرورت هئي، پاڪستان ان امتحان ۾ سرخرو ٿيو ۽ ائٽمي صلاحيت حاصل ڪرڻ پاڪستاني قوم جي زهني ۽ فڪري صلاحيتن جي به عڪاسي ڪري ٿي. صدر چيو ته پاڪستاني قوم جي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فتح به هڪ ڪامياب داستان آه?? ۽ پاڪستان اڪيلي دهشتگردي جو خاتمو ڪيو. ٻن ڏهاڪن کان جاري دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم 150 ارب ڊالر ۽ 80 هزار کان وڌيڪ جانين جو وڏو نقصان برداشت ڪيو پر اسان جو عزم ڪمزور نه ٿيو. اهو پاڪستاني قوم جي بهادري ۽ عزم جو ثبوت آه??. هن چيو ته مون کي پاڪستان جي سيڪيورٽي ادارن بشمول پاڪ فوج، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن ۽ خاص طور تي پاڪستاني قوم تي فخر آه?? جن جي قربانين سان اسان کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي ملي. صدر چيو ته پاڪستان انساني همدردي ۽ اسلامي ڀائيچاري جي تصور تحت گذريل چار ڏهاڪن کان 35 لک جي لڳ ڀڳ افغان پناهگيرنکي پڻ پناهه ڏني اهي، ان جي مقابلي ۾ اولهه ملڪ جيڪي اسان کي انسانيت ۽ انساني حقن جو درس ڏيندي ٿڪن نه ٿا، اهي پنهنجي تعصب ۽ مفاد پرستي جي ڪري پناهگيرن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آه?? جڏهن ته ڪجهه اولهه ملڪ انهن پناهگيرن جي خطن ۾ خراب حالتن جا ذميوار به آه??. سپر پاورز جي عقل کان خالي پاليسين، غيرذميواراڻن قدمن، مفاد پرستي ۽ تعصب جي ڪري سڄي دنيا ۾ دهشتگردي ۾ اضافو ٿيو، اهو پاڪستاني قوم جو ئي شيوو آه?? ته اسان نه رڳو انساني همدردي تحت لکين پناهگيرن جي ميزباني ڪئي پر دهشتگردي کي به شڪست ڏني. هن چيو ته پاڪستانين ٻوڏ، زلزلن ۽ بين قدرتي آفتن ۾ به زندهه قوم هجڻ جو ثبوت ڏنو ۽ ايثار جي جذبي جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته خدمت خلق، خيرات ۽ سرندي وارن ماڻهن جو اهو جذبو تمام انوکو آه?? ۽ انسان جي تمام وڏي طاقت آه??. صدر چيو ته پاڪستاني قوم ڪورونا جي خلاف پڻ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. پاڪستاني قوم ۾ هڪ تمام وڏي ارتقائي تبديلي آه?? جنهن جي ڪري پاڪستان جو ڳاڻيٽو ڪورونا جي خلاف ڪامياب قدم کڻندڙ ترقي يافته ملڪن سان گڏ ٿي رهيو آه??. ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن ۾ صورتحال خراب رهي پر الله تعاليٰ جي خصوصي انعام جي ڪري پاڪستان ۾ صورتحال ضابطي ۾ رهي. هن انهن چئن عنصرن جو ذڪر ڪندي چيو ته جن جي ڪري پاڪستان بحيثيت قوم ڪورونا وبا دوران بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ الله تعاليٰ جي خصوصي فضل سان بحيثيت قوم آزمائش جي ان گهڙيءَ ۾ سرخرو ٿي ۽ اسان کي ڪورونا جي خلاف ڪاميابي ملي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي دل ۾ غريب جي لاءِ همدردي جو ??حس??س هو، ان ??حس??س جي ڪري ئي وزيراعظم انساني همدردي جي بنياد تي اهو فيصلو ڪيو ته اسان مڪمل لاڪ ڊائون نه ڪنداسين، ڪيترن ئي سياستدانن، ميڊيا، ڊاڪٽرز ۽ ايڪسپرٽس هڪ آواز ٿي چيو ته جيڪڏهن مڪمل لاڪ ڊائون نه لڳايو ويو ۽ معيشت کي مڪمل طور تي بند نه ڪيو ويو ته وبا ايتري پکڙجي ويندي جو ماڻهو رستن تي پيل هوندا. ان جو عملي نمونو دنيا پاڙيسري ملڪ ۾ ڏٺو جتي ڪورونا جي صورتحال ڀيانڪ حد تائين بي قابو ٿي ۽ اسان ماڻهن کي آڪسيجن جي سلينڊرن سان گڏ بازارن ۾ پيل ڏٺو ۽ انهن کي ڪو پُڇڻ وارو نه هو. مودي حڪومت جي غلط فيصلن جو نقصان ڀارتي عوام ۽ معيشت کي برداشت ڪرڻو پيو ۽ لکين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. بلڪل انوکو موقف اختيار ڪرڻ تي وزيراعظم کي تنقيد کي پڻ منهن ڏيڻو پيو پر وزيراعظم غريبن، لاچار ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن جي لاءِ همدردي ۽ ??حس??س جي جذبي سان سرشار پنهنجي موقف تي قائم رهيو. ماڻهو رڳو انگ اکر ناهن هوندا جو جن جي بنياد تي فيصلا ڪيا وڃن پر اسان کي پنهنجي فيصلاسازي ۾ همدردي ۽ انسانيت جي جذبن کي پڻ نظر ۾ رکڻ جي ضرورت هوندي آه??. صدر اين سي او سي قائم ڪرڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان ٽوٽل لاڪ ڊائون بدران سمارٽ لاڪ ڊائون متعارف ڪرايو ۽ انگن اکرن تي ٻڌل سائنسي ٽارگيٽيڊ اپروچ تحت مخصوص متاثر علائقن کي بند ڪيو. سمارٽ لاڪ ڊائون جو لفظ جيڪو بعد ۾ دنيا ۾ مشهور ٿيو ان جي شروعات پاڪستان ۾ ٿي ۽ اسان جي ڪورونا جي خاتمي جي حڪمت عملي کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو ويو. غريب جو اهو ??حس??س رڳو سمارٽ لاڪ ڊائون تائين محدود نه هو پر پاڪستان ۾ اهساس پروگرام تحت غريبن ۽ معاشري جي لاچار طبقن جي معاشي تحفظ جي لاءِ 12 هزار رپيا امداد طور پڻ ڏنا ويا ته جيئن ڪورونا جي عالمي آزمائش دوران غريب جي چُلهه ٻرندي رهي. صدر چيو ته 1.5 ڪروڙ کان وڌيڪ خاندانن ۾ اٽڪل 179 ارب رپين جي وڏي رقم ورهائي وئي. پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪ جي ??حس??س ايمرجنسي ڪيش ٽرانسفر منصوبي کي عالمي بئنڪ دنيا جي چار وڏن سماجي تحفظ جي منصوبن ۾ شامل ڪيو. ان جي ابتڙ غلط پاليسين جو خميازو اسان جي پاڙيسري ملڪ کي ڀوڳڻو پيو. هڪ ٻئي عنصر جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته جنهن جي ڪري پاڪستان ڪورونا جهڙي عالمي امتحان ۾ سرخرو ٿيو. هن چيو ته اسان جي ميڊيا، عالم سڳورن جي مثبت ڪردار جي ڪري مسلسل ڪورونا جي خاتمي جي ايس او پيز ۽ ان وبا جي شدت ۽ سنگيني بابت ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪئي وئي. هن عالم سڳورن جو پڻ ٿورو مڃيندي چيو ته انهن ان مشڪل وقت ۾ ??حس??س ذميواري جو مظاهرو ڪيو. صدر اسلام جي روايتن جي بنياد تي ماڻهن کي تلقين ڪئي ته اهي ڪورونا جي تدارڪ جي لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪن. اها ڪيتري وڏي تبديلي آه?? جو اسان جي عالم سڳورن بزرگن کي گهر تي ئي نماز ادا ڪرڻ ۽ مسجدن ۾ ماڻهن کي فاصلي سان نماز پڙهڻ جي تلقين ڪئي. سنت اها ئي ته ڪلهو ڪلهي سان ملائي نماز پڙهي ويندي ۽ اسلامي دنيا ۾ فاصلي سان ڪڏهن نماز نه پڙهي وئي، پر اسان ايس او پيز تي عمل ڪندي نماز قائم ڪئي. سڄي دنيا ۾ مسجدون بند ٿيون پر اسان احتياطي تدبيرن سان مسجدون کليل رکيون ۽ الله سان پنهنجو تعلق برقرار رکيو. هن چيو ته الله کان معافي ۽ مدد جي لاءِ دعا ڪندا رهياسين ۽ رمضان المبارڪ، محرم ۽ عيدن جي موقعي تي به عالم سڳورن جي تعاون سان ايوان صدر مان ضابطا اخلاق جاري ٿيا ۽ پاڪستاني قوم هڪ مهذب قوم جو ثبوت ڏيندي ان تي عمل ڪيو. صدر چيو ته سڀ کان اهم ڪردار پاڪستاني عوام جو مثالي نظم ۽ ضبط هو، ان جو مطلب اهو نه آه?? ته سئو سيڪڙو ماڻهن ان تي عمل ڪيو، سئو سيڪڙو عمل ڪڏهن به ممڪن ناهي هوندو پر عوام جي هڪ وڏي انگ ان تي عمل ڪيو جڏهن ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ عوام پابندين ۽ ماسڪ پائڻ جي خلاف احتجاج به ڪيا پر پاڪستاني قوم پنهنجي قيادت جي رهنمائي تي عمل پيرا رهي. هن چيو ته اها ڳالهه اسان جي لاءِ اعزاز جوڳي آه?? ته حڪومت جي موثر حڪمت عملي جي ڪري زندگي جي معمول تي واپس اچڻ جي درجابندي ۾ پاڪستان کي هانگ ڪانگ ۽ نيوزيلينڊ جهڙن ترقي يافته ملڪن کانپوءِ ٽئين نمبر تي رکيو ويو. ڪورونا وبا جي دوران اسان جي طرز عمل سان ثابت ٿئي ٿو ته اسان جي اندر هڪ عظيم قوم بڻجڻ جي رڳو صلاحيت ئي نه آه?? پر هڪ عظيم قوم جا آثار نمايان ٿي رهيا آه??. هن چيو ته ذهانت، پناهگيرن جي معاملي ۾ انساني همدردي، دهشتگردي جو مقابلو، زلزلن ۽ ٻوڏ ۾ ايثار جو جذبو ۽ خيرات ۽ ڪورونا جو مقابلو، انهن جي ڪري اسان ڪاميابيون حاصلڪيون. پاڪستان جي روشن مستقبل جي لاءِ به انهن ئي پنج عنصرن سان گڏوگڏ ذهانت ۽ ليڊرشپ تمام ضرري آه??. ٽي وڌيڪ معاملا اهڙا آه?? جن تي ڌيان ڏئي اسان پاڪستان جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهون ٿا. پاڪستان جي بهتر مستقبل جي لاءِ سڀ کان اڳ اسان کي فيڪ نيوز تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آه?? ڇو ته اهي معاشري ۾ انتشار پکيڙڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. توهان ڄاڻو ٿا ته فيڪ نيوز پکيڙڻ اسلامي تعليم جي به منافي آه?? ۽ اسلام اسان کي ڪا به خبر ڦهلائڻ کان اڳ ان جي تصديق ڪرڻ جو حڪم ڏي ٿو. هن سورته الحجرات جو حوالو ڏيندي چيو ته ”اي ايمان وارو، جيڪڏهن ڪو فاسق، توهان وٽ ڪا اهم خبر آڻي ته ان جي چ??ي طرح تحقيق ڪري وٺو. ائين نه ٿئي جو توهان جذبات ۾ اچي ڪنهن قوم تي چ??هائي ڪريو، پوءِ توهان کي پنهنجي عمل تي پڇتاءُ ٿئي.“ قرآن ڪريم جي اها آيت نه رڳو قومن جي لاءِ پر اسان جي ميڊيا جي لاءِ به مشعل راهه هجڻ گهرجي ته اسان بنا تصديق ۽ تحقيق ڪنهن به خبر کي اڳتي نه پکيڙيون. هن چيو ته سوشل ميڊيا ۽ بريڪنگ نيوز جي هن دور ۾ اسان کي پنهنجي اندر تحمل پيدا ڪرڻ جي ضرورت آه??. فيڪ نيوز ۽ پروپئگنڊه نه رڳو معاشري ۾ غلط فهمين جو ثبوت بڻجي ٿو پر ان سان عالمي امن کي به سخت خطرا آه??. هن چيو ته توهان سڀ چڱي طرح کان واقف آه??و ته ڪيئن ڪوڙين خبرن ۽ غيرتصديق ٿيل رپورٽس جي بنياد تي اولهه ميڊيا عراق تي حملي جي راهه هموار ڪئي. هن چيو ته اولهندي جي قومن ويپن آف ماس ڊسٽرڪشن جي حوالي سان فيڪ نيوز جي بنياد تي وچ اوڀر تي چ??هائي ڪئي ۽ ان جو نتيجو اهوئي نڪتو جيڪو هن آيت ۾ بيان ڪيو ويو آه??. صدر چيو ته اڄ پورو وچ اوڀر خاص طور تي شام، عراق ۽ ليبيا سڙي رهيا آه?? ۽ ان جي پويان فيڪ نيوز ۽ اسلامو فوبيا جو عنصر شامل آه??، اسان جو دشمن ڀارت پاڪستان جي خلاف سازشن ۾ مصروف رهي ٿو. تازو ئي يورپين يونين جي ڊس انفوليب ڀارتي فيڪ نيوز نيٽ ورڪ کي بي نقاب ڪيو. ان سڀني قدمن جو مقصد پاڪستاني عوام ۽ عالمي برادري کي پاڪستان جي خلاف بدگمان ڪرڻو هو. وڌيڪ اهو ته ان سان ملندڙ جلندڙ شيءَ غيبت آه??. قرآن ڪريم ان سلسلي ۾ به اسان جي رهنمائي فرمائي ٿو. هن سورته الحجرات جو حوالو ڏيندي چيو ته ”ايمانوارو، ڪيترن ئي گمانن کان بچو، ان لاءِ ڪجهه گمان صريح گناهه هوندا آه??. ۽ (ٻين) جي ٽوهه ۾ نه لڳو ۽ نه توهان مان ڪير غيبت ڪري. ڇا توهان جي اندر ڪو اهڙو آه?? جيڪو پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ پسند ڪري؟ سو ان کي ته گوارا نه ٿا ڪريو، (پوءِ غيبت ڇو گوارا هجي). توهان الله کان ڊڄو. يقينن الله وڏو توبهه قبول ڪرڻ وارو آه??، ان جي شفقت ابدي آه??.“ صدر چيو ته قرآن مجيد جون اهي آيتون اسان کي سدائين نظر ۾ رکڻ جي ضرورت آه??، اهي آيتون نه رڳو اسان کي پرڏيهي پاليسي ۽ انفارميشن پاليسي جي حوالي سان اهم هدايتون ڏين ٿيون پر پنهنجي معاشرتي روين کي سڌارڻ جو به درس ڏين ٿيون. عيبت هڪ تمام وڏو گناهه آه?? ۽ گمان جي بنياد تي ٻين جي خلاف خبر ڦهلائڻ به غيبت ئي جي زمري ۾ اچي ٿو. ته جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي ڀاءُ جو گوشت کائڻ پسند نه ٿو ڪري ته اهو گمان ۽ اندازن جي بنياد تي ڦهلايل خبر ۽ غيبت کي ڪيئن برداشت ڪري سگهي ٿو؟ هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته قوم جي تعمير ۾ تعليم سان گڏ تربيت جي به ضرورت آه?? ۽ ان ۾ چار اهم ادارن يعني گهر، اسڪول، ميڊيا ۽ محراب ۽ منبر جو اهم ڪردار آه??. تازو ئي منهنجي درخواست تي اسلامي نظرياتي ڪائونس پاڪستان جي سماجي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۽ ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ خطبن تي ٻڌل هڪ ڪتابچو تيار ڪرڻ شروع ڪيو آه??. ان ڪتابچي جو مقصد مسجدن جي پيش امامن کي انهن 100 موضوعن تي ٻڌل هڪ تحقيقي مقالو فراهم ڪرڻ آه?? ته جن مان اهي مختلف سماجي موضوعن تي خطبو ڏيڻ جي چونڊ ڪري سگهن ٿا. اهو مڪمل طور تي اختياري آه?? ۽ حڪومت ان سلسلي ۾ حڪم جاري نه ڪندي. آئون اميد ڪريان ٿو ته جهڙي طرح مسجد نبوي ﷺ کان هڪ عالمي سماجي انقلاب جي شروعات ٿي، ان جو سلسلو پاڪستان ۾ به جاري رهندو. هن چيو ته آئون پوري قوم خاص طور تي سياسي قيادت، عالم سڳورن، ميڊيا ۽ نوجوان نسل کي اپيل ڪريان ٿو ته اسان سڀ گڏجي ملڪ کي درپيش سماجي، معاشي ۽ سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ جان ٿي ڪم ڪنداسين. مون پنهنجي تقرير ۾ پاڪستان جي 5 صلاحيتن جو ذڪر ڪيو جيڪي توهان حاصل ڪري چ??ا آه??و، ذهانت جو توهان گهٽ ۾ گهٽ ائٽمي دفاعي صلاحيت حاصل ڪري ڏيکاري، بهادري، همدردي جو جذبو، خيرات جو جذبو ۽ ٽن شين جو ذڪر ڪيو جن تي اسان کي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آه??، يعني فيڪ نيوز، غيبت ۽ تربيت ۽ جڏهن اهي صلاحيتون مڪمل ٿي وينديون ۽ ان ۾ توهان ديانتدار قيادت جي چاشني وجهندا جيڪا ??وج??د آه?? ته منهنجي دل، منهنجو دماغ، منهنجو جسم، منهنجو ايمان اهو پڪاري پڪاري چئي رهيو آه?? ته هڪ چمڪندڙ، اڀرندڙ ۽ مسڪرائيندڙ نئون پاڪستان ڏسنداسين.