اسلام آباد – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنجاب ?? صنعتي ترقي خاص طور تي سيمينٽ جي صنعت جي ترقي ۽ فروغ جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، اطلاعات ??اري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم عمران خان کي پنجاب ?? صنعتي ترقي جي سلسلي ۾ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ويو جن ۾ اسپيشل اڪنامڪ زون جي جوڙجڪ، سمال انڊسٽريل انٽرپرائز جي حوصلا افزائي، لوڪل ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ هنرمند افرادي قوت تي ڌيان شامل آهي.