اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ورجائيندي چيو آهي ته افغان تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي، ڳالهين ذريعي سياسي حل جي ضرورت آهي، افغانستان ۾ امن پور?? علائقي جي لاءِ فائديمند ث??بت ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار افغانستان جي صنعت ۽ واپار واري وز??ر نثار احمد فيضي غورياني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وز??راعظم ٻنهي ملڪن جي ويج??ن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ورجايو.