اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ترقي جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ 5 نقاطي ايجنڊا جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته وبا جي خاتمي تائ??ن غريب ملڪن جا قرض ملتوي ڪيا وڃن، اسرندڙ ملڪن جي لاءِ 500 ارب ڊالر جا امدادي فنڊز جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، ويڪسين جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، وبا جي خاتمي تائين قرضي ملڪن جي قرضن ۾ رعاي?? ڏني وڃي. گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ واپار ۽ ترقي بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته دنيا کي اڄ بي پناهه صحت ۽ معاشي بحران درپيش آهن، جيڪڏهن ڪورونا وائرس امير ۽ غريب جي وچ ۾ ڪو فرق نه ٿو ڪري پر ان س??ن پٺتي پيل طبقن ۽ غريب ملڪن کي سڀ کان متاثر ڪيو آهي، لکين ??اڻ??و غربت جي لڪير کان هيٺ اچي ويا آهن.