اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان خميس ڏينهن سينيٽ چيئرمين محمد صاد?? سنجراڻي ملاقات ڪئي جنهن ۾ سينيٽ ۾ قائدايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم به موجود هو. ملاقات ۾ ملڪي سياسي ۽ پارلياماني معاملن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مخال?? ڌر ۽ حڪومتي ڌر کي سرگرم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ايوان ۾ خوشگوار ماحول ۾ بحث ۽ قانونساز?? پارليامينٽ جي عزت ۾ اضافو ڪندي، موجوده چونڊ عمل ۾ شفافيت وقت جي اهم ضرورت آهي، مخال?? ڌر ک?? پارلياماني ڪميٽي جي قيام جي لاءِ خط لکيا ويا آهن جواب جو انتظار آهي، مستقبل جي لاءِ چونڊ عمل تي اعتماد کي بحال ڪرڻ مخال?? ڌر ۽ حڪومت جي گڏيل ذميداري آهي، اسد قيصر چيو ته چونڊ سڌاران جي لاءِ پارلياماني ڪميٽي جي قيام جو مخال?? ڌر پاران نالا وصول ٿيڻ ??ي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.