اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ??ري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 118 فوتگيون ٿيون جنهن مان 43 فوتگيون وي??ٽي??يٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 395 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي ??ئن وڏن شهرن ۾ وي??ٽي??يٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي ت??اسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 81 سيڪڙو، لاهور ۾ 82 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 88 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 51 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي ??ئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي ت??اسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 75 سيڪڙو، صوابي ۾ 93 سيڪڙو، چارسده ۾ 93 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 64 هزار 685 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 923، پنجاب ۾ 37 هزار 775، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 519، اسلام آباد ۾ 6 هزار 178، بلو??ست??ن ۾ 1 هزار، گلگت بلتستان ۾ 565، آزاد ڪشمير ۾ 725 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 46 هزار 652 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلو??ست??ن ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وي??ٽي??يٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وي??ٽي??يٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 509 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 77 هزار 294 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 39 هزار 818 آهي.