اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ا??ان جو قيمتي اثاثو آهن، مٽاسٽا جي ناڻي جي وڌندڙ انگ اکر سندن حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جو ثبوت آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترجيحاتي شعبن تحت ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ ۾ آساني ۽ وڌيڪ سهولت ڏيڻ بابت ج??ئز?? اجلاس جي صدارت ڪري رهيو ??و. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ گڏجي مٽاسٽا جو ناڻو موڪليندڙ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ هڪ جامع پيڪيج تيار ڪري رهيا آهن جنهن ۾ نه رڳو موڪليل رقم جي حساب ??ان مالي مراعتون ۽ انعام شامل آهن پر بينيفشري اڪائونٽ کولڻ ۽ رقم جي فوري منتقلي به يقيني بڻائي پئي وڃي، ڄاڻايل نظام لاءِ هڪ ڊجيٽل ايپليڪيشن به تياري جي مرحلي ۾ آهي، مراعتن جي فراهمي لاءِ 9 وڏن قومي ادارن ??ان گڏجي ڪم ڪيو ??يو ??ڃي جيڪو سف??ي سهولتن لاءِ شناختي دستاويزن جي تياري، ضروري شين جي خريداري، ٽيڪس جي ادائيگي، انشورنس ۽ ٻارن جي تعليمي خرچن ۾ رعايتون ۽ مراعتون فراهم ڪندو، ايندڙ مهيني جي شروع تائين ڪم مڪمل ڪري پروگرام باقاعده جاري ڪيو وي??دو، وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ا??ان جو قيمتي اثاثو آهن ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جا وڌندڙ انگ اکر حڪومت جي پاليسين تي اعتماد کي ظاهر ڪن ٿا. وزيراعظم انهن قدمن بابت مقرر ڪيل عرصي ۾ ڪم جي تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته منصوبي جي ڪڙي نگراني لاءِ لائحه عمل جوڙي شڪايتن جي ازالي لاءِ پورٽل به منصوبي جو حصو بڻايو ??ڃي.