اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين ۾ آن لائين تعليم جو تناسب وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهو طريقيڪار گهٽ لاڳت هجڻ سان گڏوگڏ شاگردن کي اعليٰ تعليم تائين آسان پهچ حاصل ڪر?? ۾ مدد ڏيندو، تعليمي ادارا پنهنجي ويزن تي نظرثاني ۽ تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فڪري برتري حاصل ڪر?? تي ڌ??ان ڏين. ??در اهڙن خيالن جو اظهار ايوان ??در ۾ رفاهه انٽرنيسنل يونيورسٽي اسلام آباد بابت هڪ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ رفاهه انٽرنيشنل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيس احمد، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آر آئي يو اسد الله خان، رجسٽرار برگيڊيئر (ر) انجنيئر سليم احمد خان، فيڊرل ايجوڪيشن اينڊ پروفيشنل ٽريننگ واري وزارت ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. رفاهه انٽرنيسنل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ??در کي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ جي حوالي سان پنهنجي يونيورسٽين جي ڪاميابين ۽ ڪردار کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي اهميت تي روشني وجهندي ??در چيو ته يونيورسٽين کي چوٿين صنعتي انقلاب ۽ تحقيق ۽ ترقي جي سرگرمين جي گهرجن تي ڌ??ان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن پاڪستان کي ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته تعليمي ڪاميابين کانسواءِ يونيورسٽين کي اخلاقي علم ۽ شاگردن جي ڪردارسازي تي پ?? ڌ??ان ڏيڻ گهرجي. ??در مختلف معذور شاگردن کي ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي فيس ۾ ڇوٽ ڏيڻ جي ايڇ اي سي جي پاليسي کي پ?? ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان سان انهن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪر?? جي ترغيب ملندي. هن تعليم ۽ صنعت جي وچ ۾ رابطن ۽ عالمي يونيورسٽين سان تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پ?? زور ڏنو جيڪو معياري تعليم جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ??در تعليم جي فروغ ۾ نما??ان ڪردار ادا ڪر?? جي حوالي سان يونيورسٽي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.