اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌ??ي فواد حسين سينيئر ص??اف?? رحيم الله يوسفزئي جي لاڏاڻي تي تعز??ت جو اظهار ڪندي چيو ته رحيم الله يوسفزئي جو لاڏاڻو صحافت جي هڪ دور جو خاتمو آهي، افغانستان ۽ اسان جي سرحدي علائقن جي معاملن تي سندس جيڪا گرفت هئي اها شايد ئي ڪنهن ٻ??ي ڪنهن کي هجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت نصيب ڪري ۽ پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.