لاهور – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قي??دت ۾ ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي ۽ ٻاهرين ملڪ سيڙپڪاري سا?? ملڪ ۾ نوان صنعتي زون ٺهي رهيا آهن، حڪومتي صنعتي انقلاب تي يقين رکي ٿي، ڪورونا سبب پوري دنيا متاثر ٿي، پر پاڪستان ان کي وڏي حد تائين روڪڻ ۾ ڪ??مي??ب رهيو، دنيا کي هن وقت اڀرندڙ نئين پاڪستان جي ضرورت آهي، جڏهن ته اقتصادي طور تي ڪنهن به ملڪ کي اڪيلو نٿو ڪري سگهجي. هو لاهور ۾ چيني سيڙپڪاري سا?? قائم چئلينج ٽيڪسٽائيل فيڪٽري جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. چئلينج ٽيڪسٽائيل فيڪٽري جي ايم ڊي ڪيرن چن ۽ پاڪستان واپاري قمر خان بوبي صدر کي ان حوالي سا?? بريفنگ ڏني، ان موقعي تي صدر 150 ملين ڊالر سا?? شروع ٿيندڙ چئلينج ٽيڪسٽائيل پارڪ جو به افتتاح ڪيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان کي چئلينج ٽيڪسٽائيل جهڙي سيڙپڪاري جي وڌيڪ ضرورت آهي، پاڪستان هڪ محفوظ ملڪ آهي جتي ملڪي سيڙپڪارن کي تحفظ ڏنو ويندو، هن چيوته پاڪستان چين دوستي تي اسان کي فخر آهي ۽ چيني سيڙپڪاري سا?? ملڪ صنعتي انقلاب طرف وڃي رهيو آهي، صدر چيو ته ڪورونا جي تازي وبا سا?? سڄي دنيا متاثر ٿي، پر پاڪستان ان کي وڏي حد تائين روڪڻ ۾ ڪ??مي??ب رهيو. جڏهن ته ان جي خ??اف ويڪسين تيار ڪندڙ ملڪن ۾ شامل ٿي چڪو آهي، مائيڪرو فنانس ۽ ڪووڊ -19 کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪ??مي??بي حڪومتي ڪ??مي??بين جو تسلسل آهي، هن چيو ته اقتصادي طور تي ڪنهن به ملڪ کي اڪيلو نٿو ڪري سگهجي ۽ دنيا کي هن وقت پاڪستان جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان چيني سيڙپڪارن کي دعوت ڏيون ٿا ته هتي اچن، سيڙپڪاري ڪن ۽ دنيا کي مثبت پيغام ڏين، هن چيو ته اقتصادي مسئلن جي حل لاءِ تيز ترين رابطن جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ جو دنيا هن وقت تمام تيز ٿي چڪي آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي قي??دت ۾ ملڪ ۾ خصوصي اقتصادي زون قائم ڪيا پيا وڃن، اقتصادي زون قائم ٿيڻ سا?? نه رڳو نئين انڊسٽري لڳندي پر ماڻهن کي وسيع پئماني تي روزگار به ملندو ۽ انشاءُ الله ايندڙ ڏينهن پاڪستان لاءِ سٺا هوندا.