اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? ناليواري اداڪار عمر شريف ??ي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چ??و آهي ته عمر شريف بيشمار صلاحيتن جو مالڪ هو ۽ فنون لطيفه جي شعبي ۾ هڪ منفرد مقام رکندو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته فن جي شعبي ۾ عمر شريف جي خدمتن ک?? سدائين ياد رکيو ويندو. هن مرحوم جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو.