اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته سازگار ڪاروباري ما??ول فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن ملڪ ۾ غير ملڪي سيڙپڪارن جو ڌيان ڇڪرائي سگهجي. حڪومت پاران ڪاروبار ۾ آساني کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ شروع ڪيل سڌارن جا نتيجا اچڻ شروع ٿيا آه?? ۽ عالمي درجا بندي ۾ پاڪستان جو رينڪ 136هين پوزيشن مان بهتر ٿي 108 هين نمبر تي اچي ويو آه??. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوئيٽا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد چيمبر جي صدر فد?? حسين دشتي جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته حڪومت ڪاروبار ۽ صنعتي شعبن جي سهولت ۽ مضبوطي تي ڌيان ڏئي رهي آه?? ۽ ان سلسلي ۾ واپاري برادري ۽ معاشري جي ٻين ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو آه??. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته حڪومت ڪامياب جوان پروگرام تحت ملڪ ۾ انٽرپرينيورشپ ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 100 ارب روپيا مختص ڪيا آه?? ۽ نوجوانن کي آسان شرطن تي ڪاروباري قرض فراهم ڪري رهي آه??. وفد صدرکي قومي معيشت ۾ ڪوئيٽا جي ڪاروباري برادري جي ڪردار ۽ درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. صدر وفد کي يقين ڏياريو ته انهن جي مسئلن جي حل ۾ مدد ڪئي ويندي.