اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ مديني جي رياست جي بنياد عدل ۽ انصاف، معاشري جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ ميرٽ جي حڪمراني تي رکيو، نوجوانن کي جنسي ڏوهن ۽ منشيات جهڙين اخلاقي براين کان بچائڻ لاءِ سي??ت طيبه جي سنهري اصولن جي روشني ۾ ان جي ڪردار ??ازي گهڻي ضروري آهي. وزيراعظم سان ڊاڪٽر صاحبزاده ساجد الرحمان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نور الحق قادري به موجود هو. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال ملڪ ۾ 12 ربيع الاول ڀرپور مذهبي عقيدت ۽ احترام ۽ جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو، ان موقعي تي نوجوان نسل کي مديني جي رياست ۽ سي??ت طبيه جي رهنما اصولن کان روشناس ڪرائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي. حضور اڪرم ﷺ مديني جي رياست جو بنياد عدل ۽ انصاف، معاشري جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ ميرٽ جي حڪمراني تي رکيو?? پاڻ سڳورن ماڻهن جي ڪردار ??ازي تي خاص ڌيان ڏنو. وزيراعظم چيو ته اڄ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جي دور ۾ نوجان نسل جنسي ڏوهن ۽ منشيات جهڙين براين کان بري طرح متاثر ٿي رهي آهي، نوجوانن کي ان اخلاقي براين کان بچائڻ لاءِ سي??ت طبيه جي سنهري اصولن جي روشني ۾ انهن جي ڪردار ??ازي گهڻي ضروري آهي، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت رحمت اللعالمين اٿارٽي قائم ڪئي آهي جنهن ۾ سي??ت طيبه تي اعليٰ شهرت رکندڙ اسڪالرز نوجوانن جي ڪردار ??ازي لاءِ رهنمائي ڪندا، وزيراعظم چيو ته اها اٿارٽي تحقيق ڪري نوجوانن کي ٻڌائيندي ته اهي ڪهڙا عمل هئا جنهن جي ڪري رڳو 13 سالن جي ٿوري عرصي ۾ (636-623) مسلمان قيصر ۽ ڪسري جي عظيم سلطنتن کي زير ڪري 150000 چورس ڪلوميٽر زمين تي حڪمراني ڪرڻ لڳا.