اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام چيو ??هي ته ملڪ ۾ ضروري شين جو ذخيرو وافر مقدار ۾ موجود آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ??ه هلندڙ سال وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان ڪمند، چانور، مڪئي، مڱيرا ۽ بصر جي هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ پي??اوار حاصل ڪئي آهي. هن چيو ??ه وفاقي حڪومت ضروري کاڌي پي??ي جي شين جي پي??اوار وڌائڻ تي خاص توجهه ڏئي رهي آهي. هن چيو ??ه حڪومت زرعي شعبي جي ترقيءَ لاءِ پرائيم منسٽر ايگريڪلچر ايمرجنسي پروگرام تحت 277 ارب رپيا رکيا آهن. حڪومت ڀاڻ، ٻج ۽ ڪيڙي مار دوائن جي مد ۾ 50 ارب رپين جي سبسڊي فراهم ڪئي آهي. هن زرعي شعبي جي پي??اوار وڌائڻ لاءِ ڪسان ڪارڊ ۽ بئنڪ جي مارڪ اپ ۾ گهٽتائيءَ جهڙا قدم کنيا آهن ته جيئن مختلف ضروري شين جي پي??اوار ۾ واڌ ڪري سگهجي. هن ٻُڌايو ??ه ڪمند، چانور، مڪئي، مڱيرا ۽ بصر جي هلندڙ سال سيزن ۾ سڀ کان وڌيڪ پي??اوار حاصل ٿي آهي. هن ٻُڌايو ??ه ڪمند جي پي??اوار جو ڪاٿو 87.67 ملين ٽن آهي جيڪو گذريل سال کان 8 سيڪڙو و??يڪ آهي. چانورن جي پي??اوار جو ڳاڻيٽو 8.84 ملين ٽن آهي جيڪو گذريل سال کان 5 سيڪڙو و??يڪ آهي. مڪئي جي پي??اوار جو ڳاڻيٽو 9 ملين ٽن، مڱيرا 268 هز??ر ٽن آهي، جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ ترتيبوار 27 ۽ 31 سيڪڙو و??يڪ آهي. بصر جي پي??اوار هن وقت تائين سڀ کان و??يڪ 2.4 ملين ٽن حاصل ٿي آهي. هن ٻُڌايو ??ه حڪومت ضروري شين جي قيمتن جي نگرانيءَ لاءِ اعليٰ سطحي نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي ته جيئن قيمتون مستحڪم رهن.