اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مصور پاڪستان علامه محمد اقبال جي ولادت جي ڏهاڙي تي کيس شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن پنهنجي تقريرن، لکڻين ۽ عملي قدمن ذر??عي ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي غفلت جي خواب مان جاڳايو ۽ انهن ۾ نئون جوش ۽ ولولو پيدا ڪيو، علامه اقبال مسلمانن کي اڳتي وڌڻ ۽ دنيا ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪرڻ جي لاءِ علم ۽ هنر حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏني، ڀارت ۾ مسلمانن کي ترقي ۽ انصاف جا موقعا نه ڏنا ويا، ڀارت اڄ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن سا?? اڻوڻندڙ ۽ معتصباڻي سلوڪ ذر??عي پنهنجي تاريخ کي مٽائڻ جي ويجهو آهي، جديد دور ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ علم حاصل ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه آهي. هو بحريه يونيورسٽي ۾ علامه اقبال جي ولادت جي ڏهاڙي جي مناسبت سا?? منعقد ٻي عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي سينيٽر وليد اقبال، ??حريه يونيورسٽي جي ريڪٽر وائيس ايڊمرل ڪليم شوڪت، رفاه يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيس احمد ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عادل مسعود پڻ خطاب ڪيو. صدر پنهنجي خطاب ۾ مصور پاڪستان علامه محمد اقبال کي سندس ولادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي سندس شخصيت جي اهم رخن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته علامه اقبال مسلمان امت جي نشاته ٿانيه جو تمام وڏو داعي هو، هن پنهنجي تقريرن، لکڻين ۽ پيغامن ذر??عي ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي غفلت جي خواب مان جاڳايو ۽ انهن ۾ آزادي جي حوالي سا?? جوش ۽ ولولو پيدا ڪيو. صدر چيو ته اقبال جا تصور ۽ تخليقون ارتقا پذير رهيون، هو شروع ۾ متحده هندستان جو قائل هو پر بعد ۾ مسلمانن سا?? اڻوڻندڙ سلوڪ جو ادراڪ ٿيڻ ي هن جدا رياست جو تصور پيش ڪيو. هن چيو ته ان صورتحال ۾ علامه اقبال مسلمانن کي اڳتي وڌڻ جي لاءِ علم ۽ هنر حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏني. صدر چيو ته هندستان ۾ مسلمانن کي ترقي ۽ انصاف جا موقعا نه ڏنا ويا، ڀارت اڄ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن سا?? اڻوڻندڙ ۽ معتصباڻي سلوڪ ذر??عي پنهنجي تاريخ کي مٽائڻ جي ويجهو آهي، پنهنجي متعصباڻي سوچ ۽ ظلمن هو پاڻ کي باهه لڳائي رهيو آهي. هنچ يو ته نئون دور علم جي حوالي سا?? تمام تيزي سا?? ترقي ڪري رهيو آهي، ان لاءِ اڳتي وڌڻ جي لاءِ علم حاصل ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه آهي.