اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هنگامي صورتحال ۽ انساني الميي کان بچڻ لاءِ پاڪستان افغان عوام جي لاءِ هر ??مڪن مدد فراهم ڪندو، افغانستان جي ضرورت وقت اڪيلو ڇڏڻ ??نهن جي مفاد ۾ نه هوندو، حڪومت پاڪستان افغان عوام جي مدد لاءِ 5 ارب روپين جي امداد مختص ڪئي آهي، پاڪستان جي رستي افغان عوام ک?? امداد ڏيندڙ عالمي اد??رن کي سهولت فراهم ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان بابت ايپڪس ڪميٽي جي ٻي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد ح??ين?? شيخ رشيد احمد، اسد عمر، صلاحڪ??رن شوڪت ترين ۽ عبدالرزاق دائود، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ ??ين??ر سول ۽ عسڪري عملد??رن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هنگامي صورتحال ۽ انساني الميي کان بچڻ خاطر پاڪستان افغان عوام لاءِ هر ??مڪن مدد فراهم ڪندو، افغانستان کي ضرورت جي وقت اڪيلو ڇڏڻ ??نهن جي مفاد ۾ نه هوندو. حڪومت پاڪستان افغان عوام جي مدد لاءِ 5 ارب روپين جي امداد مختص ڪئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان جي رستي افغان عوام ک?? امداد ڏيڻ و??رن عالمي اد??رن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ايپڪس ڪميٽي ۾ شرڪت ڪندڙن افغانستان ۾ هنگامي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پاڪستان آچر تي او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي خصوصي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، ان خصوصي اجلاس ۾ افغان عوام جي مشڪلاتن کي اجاگر ڪيو ويندو ۽ انهن جي مدد جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي.