اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين شير شاهه ڌماڪي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر عالمگير خان جي والد سميت ٻين قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندان سان برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته ال??ه تعاليٰ مرحومن کي جنت ۾ جڳهه ۽ ??ون??يرن کي صبر جميل عطا فرمائي. هن ڌماڪي ۾ زخمي ٿين??ڙن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.