اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان آمر??ڪا سان ٻطرفي ڊگهي بنياد ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن آمر??ڪا جي لاءِ پاڪستان جي چونڊيل سفير سردار مسعود خان سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزير آمر??ڪا ۾ سفير ??ور نامزدگي تي سردار مسعود خان کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان آمر??ڪا سان گڏوگڏ ٻطرفي وسيع ا??بنياد ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ حڪومت جاگرافيائي اقتصادي ترجيحاتي ايجنڊا تي گامزن آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي دنيا جو ڌيان پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي ميسر وسيع موقعن طرف ڏياريو وڃي، شاهه محمود قريشي چيو ته اميد آهي ته توهان جهڙا وسيع تجربي جا حامل ۽ مڃيل سفارتڪار جي مقرري سان پاڪ آمر??ڪا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا، آمر??ڪا جي لاءِ نامزد سفير سردار مسعود خان پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي ان جي هدايتن تي عملدرآمد جي خاطري ڪرائي.