اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ??هي ته وزيراع??م عمران خان جي عوامي ريليف پئڪيج مخالف ڌر جون ننڊون اڏائي ڇڏيون آهن، بطور اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي عمران خان جي قدمن کي ساراه?? گهرجي ها پر اخلاقيات ۽ (ن) ليگ ٻه جدا جدا شيون آهن. شاهد خاقان عباسي جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ عوام جي ريليف تي به ڪاوڙيل نظر آئي، (ن) ليگ جي اصل ايجنڊا ??هي ڪهڙي؟. فرخ حبيب چيو ته اڄ اسان (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپشن، ڦرلٽ ۽ ادارن کي تباهه ڪرڻ جو خميازو ڀوڳي رهيا آهيون، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي ذميوار (ن) ليگ آهي، اسان جي ڪوششن سان اهو گهٽ ٿيو آهي، اسحاق ڊار ڊالر جي مصنوعي ڪيپنگ ڪئي. هن چيو ته پ??ڪا قانون (ن) ليگ جو ٺاهيل آهي، موجوده حڪومت ته رڳو سزائون واضح ڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ جا ڪرپٽ ترين ماڻهو (ن) ليگ جو حصو آهن، جيڪڏهن سياست ۾ ڪنهن کي بيساکي جي ضرورت ??هي ته اها نواز شريف ۽ شهباز شريف کي آهي، در در جا ڌڪا کائيندڙ مخالف ڌر جي هڪ ئي خواهش ??هي ته انهن کي ڪنهن به طرح اين آر او ملي وڃي. هن چيو ته وزيراع??م عمران خان سڀني چورن کي انهن جي انجام تائين پهچائي ساهه پ??يندو.