اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان يورپي يو??ين جي سفير اندر??لا ??ام??نارا پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت يورپي يو??ين سان ٻطرفي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، يورپي يو??ين سان ٻطرفن گهڻ رخي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، پاڪستان اقتصادي ترجيحن جي ڏس ۾ يورپي يو??ين سان اسٽريٽجڪ حصيداري جي اڳئين مرحلي جي گڏيل منصوبن کي جلد عملي ج??معو پارائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ يورپي يو??ين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪام ۾ پاڪستان ۾ مقرر يورپي يو??ين جي سفير اندر??لا ??ام??نارا جي ڪردار کي ساراهيو. يورپي يو??ين جي سفير اندر??لا ??ام??نارا ساراهه ڪرڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ج?? ٿورا مڃيا.