اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، افغانستان جي ??ستي، وچ ايشيائي رياستن سان واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ چاهي ٿو، ملڪي مفادن جي ??امهون رکندي آمريڪا سان بهترين لاڳاپا چاهيون ٿا. اهي ڳالهيون هن ٽيڪسلا ۾ اورينج فيسٽيول تقريب کي خطاب ڪندي ڪي??ون. پرڏيهي وزير خاص مهمان طور جڏهن ته پاڪستان ۾ مقرر سفيرن جي وڏي تعداد ان اورينج فيسٽيول ۾ شرڪت ڪئي، فيسٽيول ۾ گنڌارا تهذيب کي اجاگر ڪرڻ جي ??والي سان مختلف اسٽالز لڳايا ويا، پرڏيهي وزير فيسٽيول ۾ لڳايل اسٽالز جو دورو ڪي?? ۽ منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اهڙن فيسٽيول جي ??نعقاد سان پاڪستان جي ??اريخي ۽ تهذيبي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۽ ان حوالي سان آگاهي پکيڙڻ جو موقعو ملي ٿو. منهنجي ويجهو اهڙا ايونٽ مختلف تهذيبن ۽ ثقافتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ رابطن جي فروغ لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪندا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان کي الله تعاليٰ بي پناهه وسيلن سان نوازيو آهي پر بدقسمتي سان گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ سبب اسان ان طرف صحيح معنيٰ ۾ ڌيان نه ڏئي سگهياسين، اڄ اسان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي ??وشني ۾، پنهنجي ??قتصادي ترجيحن کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته افغانستان جي ??ستي، وچ ايشيائي رياستن سان واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌايو وڃي جڏهن ته ڪجهه قوتون افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نٿيون ڏسڻ چاهين، افغانستان جي ??بوري حڪومت واضح ڪي?? آهي ته هو پنهنجي ??رزمين ڪنهن ملڪ جي ??لاف استعمال نه ٿيڻ ڏيندا، هن چيو ته اسان پنهنجي مفادن کي سامهون رکندي آمريڪا سان پنهنجا بهترين لاڳاپا چاهيون ٿا، چين سان اسان جا دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن ۽ روس سان اسان جي لاڳاپن ۾ هڪ نئون موڙ اچي رهيو آهي. اسان ڪنهن ڪي??پ جو حصو بڻجڻ کانسواءِ سڀني سان بهترين لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان هندستان سميت سمورن پاڙيسرين سان خوشگوار لاڳاپن جي پاليسي رکون ٿا، پر بدقسمتي سان هندستان سرڪار جي هندوتوا سوچ پوري خطي جي ??من ۽ امان کي شديد خطرن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، اڄ هندستان جي ??ندران هڪ وڏو طبقو ڀارت سرڪار جي ناقص پاليسين ۽ انتهاپسنداڻي سوچ جي ??لاف آواز اٿاري رهيو آهي.