اسلام آبا?? – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خ??ص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ عوام ۾ آگاهي جي لاءِ پبلڪ رليشنز آفيسرن جي ٺوس حڪمت عملي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته قومي بيانيي جي فروغ ۽ ملڪي مفاد جي تحفظ لاءِ صحيح ۽ وقت سر معلومات جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، دنيا ۾ پاڪستان جو حقيقي تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ پبلڪرليشنز آفيسرن کي پنهنجون بهترين صلاحيتون استعمال ۾ آڻڻيون پونديون. هو مختلف وزارتن ۾ معاملا سرانجام ڏيندڙ پي آر اوز/ ان??ار??يشن آفيسرن جي اجلاس کي خطاب ڪري رهي هئي.