اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاع??ت ۽ نشريات بابت خاص م??دگ??ر ڊاڪٽر ??رد??س عاشق اعواڻ چيو آهي ته وفاقي ڪابينا آءِ پي پيز بابت رپورٽ جاري ڪرڻ، اوگرا آرڊيننس ۾ ترميمن جي فيصلي جي توثيق، چٽاڀيٽي ڪميشن جي نئين سر تنظيم سازي ۽ ان جي ڊيجيٽلائيزيشن، سرڪاري ملازمن جي سرڪاري رهائشگاهن بابت هڪ جهڙي پاليسي جي حوالي سان ??يصلي جي توثيق، اقليتن بابت قومي ڪميشن جي نئين سر تنظيم سازي ۽ ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جي سفارشن کي منظور ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.