اسلام آ??اد – 19 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وڌندڙ آبادي تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فيڊرل پاپوليشن ٽاسڪ ف??رس تي زور ڏنو آهي ته اها ٽاسڪ ف??رس جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجون ڪوششو?? تيز ڪري. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا سان ملاقات جي موقعي تي چئي، ان موقعي تي ٽاسڪ ف??رس جي ٻن اڳوڻن اجلاسن جي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو، صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آبادي ۾ اضافي جي سماجي ۽ معاشي اثرن جي حوالي سان عوام ۾ شعور پيدا ڪندي ان جي موجوده رفتار کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي.