اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) ??حس??س صارفين جي مفادن جي تحفظ کي نظر ۾ رکندي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سائيبر ڪرائم ونگ جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سائبر ڪرائيم ونگ بي آءِ ايس پي ۾ قائم ڪيو ويندو، ونگ جي قيام سان انهن سڀني ڪرپٽ عنصرن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو، جيڪي معصوم عوام کي دوکي ۽ جعلسازي ذريعي ??حس??س امداد جي حوالي سان بيوقوف بنائيندا آهن، اهي ڪرپٽ عنصر ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي مدد سان ماڻهن کي جعلي ميسيج ۽ ٻين هٿ ڪنڊن جي ذريعن ڦريندا آهن، ڊاڪٽر ثانيه نشتر ??حس??س مينيجمينٽ کي ان ونگ جي ??وڙ??ڪ جي عمل کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.