اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معصوم ڇوڪريءَ ۽ عورت سان زيادتي جي مختلف واقعن جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل آءِ جيز ک??ن رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??يراعظم عمران خان چيو ته عورتن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ذميداري آهي، ڪنهن مهذب معاشري ۾ اهڙي درندگي ۽ حيوانيت جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، اهڙا واقعا اسان جي سماجي قدرن جي منافي ۽ سوسائٽي تي ڪارو داغ آ??ن، وزيراعظم واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي جلد کان جلد قانون جي گرفت ۾ آڻڻ ۽ قرار واقعي س??ا ڏيارڻ جو حڪم ڏنو آهي.