اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان قديم ترين ثقافتن ۽ تاريخي جايون رکندڙ ملڪ طور اڄ سياحت جو عالمي ڏهاڙو ملهائي رهيو آ??ي، اڄ 27 سيپٽمبر تي سڄي دنيا سياحت جو عالمي ڏهاڙو سياحت ۽ ڳو??اڻي ترقي جي عنوان سان ملهائي رهي آ??ي، وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن گڏيل قومن جي عالمي س??احت جي اداري جي اهتمام هيٺ گڏيل قومن جي س??ورن ميبر ملڪن ۾ ملهايو وڃي ٿو، پاڪستان عالمي ڏهاڙي کي پوري جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جي لاءِ سدائين عالمي برادري جو ساٿ ڏنو آهي. سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان جاري پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته هلندڙ سال ان ڏينهن جو موضوع سياحت ۽ ڳو??اڻي ترقي چونڊيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته سياحت جو شعبو ڳو??اڻن علائقن جي معاشي ترقي جا وسيع موقعا فراهم ڪري ٿو جتي اقتصادي سرگرمين جي فروغ جي سخت ضرورت آهي.