اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ پنهنجي ثقافت جي ذريعي تش??ص کي محفوظ بڻائينداسين، اي ڪامرس جي ذريعي گهرن ۾ ٺاهيل شيون پوري دنيا تائين پهچائي سگهجن ٿيون، ان سان ??هريلو صنعت ۽ ثقافت به زنده رهندي آه??، ڪاروبار بهتر، قومي شناخت ۽ سياحت فروغ وٺندي آهي، ملڪ ۽ قوم جي سڃاڻپ ثقافت سان ٿيندي آهي، اهي قومون جنهن جي ثقافت ناهي هوندي انهن جي تش??ص کي نقصان پهچندو آهي. لوڪ ورثه ميلي جي حوالي سان تقريب دوران ميڊيا سان ??الهائي رهيو هو، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته لوڪ ورثه زبردست ميلو ترتيب ڏنو آهي، ان ۾ شريڪ ماڻهن جو جذبو ڏسڻ وٽان آهي، هي ادارو بنيادي طور تي انهي مقصد جي لاءِ ٺاهيو ويو هو، ان ميلي جو بنيادي مقصد پاڪستان جي عوام کي جوڙڻ، پاڪستان مختلف ثقافتن جو مجموعه آه??، ڪا به قوم پنهنجي ثقافت سان سڃاتي ويندي آهي، لوڪ ورثه پنهنجون ذميداريون بهترين طريقي سان نڀائي رهيو آهي.