اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ براڊ شيٽ جي معاملي تي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو، پبلڪ سيڪٽر ڪمپنيز (ڪارپوريٽ گورننس) رولز 2013ع تحت علي مهدي جي پاڪستان ڊيولپمينٽ ??نڊ لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرري، پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ جي انتظام هيٺ سمورن درجن جي نوڪرين تي پاڪستان ايسينشنل سروسز (مينٽيننس) ايڪٽ 1952ع لاڳو ڪرڻ ۾ 6 مهينن تائين جي وا??، پاور ڊويزن تحت جو??يل ڪور ڪميٽي جي ميمبرن کي رينٽل پاور پراجيڪٽ ۾ جاچ جي روشني ۾ ملڪ کي وڏي مالي نقصان کان بچائڻ جي حوالي سان خدمتن تي مالي ايوارڊ ڏيڻ، سامونڊي معاملن اري وزارت تحت ڪراچي ڊوڪ ليبر بورڊ جي ميمبرن جي نامزدگي، نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جي بورڊ آف ڊا??ريڪٽرز جي جو??جڪ، نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت کي صحت سهولت پروگرام جي ڊيٽا تصديق جي ڏس ۾ نادرا سان سڌوسنئون 5 سالا معاهدو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. منصوبابندي واري وزير ڪابينا کي ڳڻپ واري وفاقي اداري پاران تازو ئي ڪيل سروي جي بنياد تي ڪورونا وبا جي اثرن جي نتيجن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اپريل ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ آبادي جي آمدني تقريبن ختم ٿي چڪي هئي. حڪومت جي دانشمنداڻي حڪمت عملي، مڪمل لاڪ ڊا??ون بدران سمارت لاڪ ڊا??ون جي پاليسي ۽ اڏاوتن ۽ مينوفيڪچرنگ سيڪٽر ۾ فيصلاسازي جي ڪري 2 ڪروڙ آبادي جي آمدني بحال ٿي. منصوبابندي واري وزير وڌيڪ ٻڌايو ته وزيراعظم جي وقت سر فيصلي جي ڪري ڪجهه مهينن جي عرصي ۾ اٽڪل 95 سيڪڙو ماڻهو جن جو روزگار ختم ٿي چڪو هو، بحال ٿيو. بعد ۾ ٽرانسپورٽ جو شعبو به کوليو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته لاڪ ڊا??ون دوران اٽڪل 80 سيڪڙو ماڻهن جو روزگار ڪنسٽرڪشن، 72 سيڪڙو جو مينوفيڪچرنگ جڏهن ته 67 سيڪڙو ماڻهن جو روزگار ٽرانسپورٽ جي شعبن سان وا??يل هو.