راولپنڊ?? – 17 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪنهن ٻاهرئين طاقت يا ملڪ جي چوڻ تي نه پر سڄي ملڪ ۾ فساد ۽ فتني جي ڪري پاڪستان حڪومت پاڻ ٽي ايل پي تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وفاق سان گڏ سمورين صوبائي حڪومتن، پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز فوري ڪارروائي ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته رياست جي رٽ کي ڪير به چئلينج نه ٿو ڪري سگ??ي، راڻا ثناءُ الله الطاف حسين ۽ انتهاپسند پارٽي جي زبان ڳالهائي رهيو آهي، آفيسرن ۽ ادارن جي خلاف اهڙي زبان استعمال ڪرڻ تي راڻا ثناءُ الله جي خلاف دهشتگردي ۽ ٻين شقن تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان به ان ڳالهه تي متفق آهي ته اسان جي نظام ۾ ايترو وقت لڳي وڃي ٿو جو ??نصاف ٿيندي نظر نه ٿو اچي، هاڻي سياست، چونڊ مهم آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ئي ڪري سگ??بي. هو ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال راولپنڊي ۾ ڪالعدم پارٽي ٽي ايل پي احتجاج دوران زخمي ٿيندڙ پوليس جوانن جي عيادت کانپوءِ صحا??ين سان ڳالهائي رهيو هو.