اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي پيپ??زپ??رٽي ڪرپشن جي لاءِ استعمال ڪيو، انهي ڪري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪرپشن جي علامت بڻيو، پيپ??زپ??رٽي جي حڪومتي دور ۾ 8 لک 50 هزار غير مستحق ماڻهن کي شامل ڪيو، موجوده حڪومت ٽيڪنالاجي جي ذريعي جانچ پڙتال کانپوءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي فهرست مان 0.85 ملين غير مستحق ماڻهن کي ڪڍيو، ان ۾ گريڊ 17 کان 21 جا آفيسر به شامل هئا. مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زرداري جي بيان تي رد عمل ۾ چيو ته بلاول صاحب، جيڪڏهن ڪوڙ ڳالهائي ڳالهائي ٿڪجي وڃو ته هڪ منٽ جي لاءِ سچ ٻڌي وٺو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو نالو اهو آهي، ان ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي.